ممبئي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان ۽ بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي نئين ايندڙ فلم ”رئيس“ جو وڌيڪ هڪ گيت ”اڙي اڙي جائي“ رليز ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ماهرا خان روايتي لباس ۾ ڏاڍي وڻندڙ نظر اچي رهي آهي، .

جڏهن ته شاهه رخ خان پڻ سدائين جيان بهترين انداز ۾ جلوا ڏيکاريا آهن. گيت جي آخر ۾ شاهه رخ ۽ ماهرا خان جو نڪاح ٿيندي به ڏيکاريو ويو آهي. گيت جا ٻول جاويد اختر لکيا آهن، جڏهن ته ان جي ڪمپوزيشن  رام سمپٿ ڏني آهي. گيت سکوندر سنگهه، ڀومي تريويدي ۽ ڪارسن سهگاٿيا ڳايو آهي