خيرپور (انّا) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ گورنر سنڌ ۽ چانسلر جسٽس ريٽائرڊ سعيد الزمان صديقي جي وفات جي سلسلي ۾ هڪ تعزيتي ريفرينس پروفيسر ڊاڪٽر پروين شاه وائيس چانسلر جي صدارت ۾ ٿي گذريو.

ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽر پروين شاه چيو ته جسٽس ريٽائرڊ سعيد الزمان صديقي جون عدليا ۽ جمهوريت لاءِ خدمتون لازول آهن. هن چيو هو ته عدليا جو درخشان ستارو هو. هن جا عدالتي فيصلا تاريخ ۾ هميشه ياد رهندا. ڊاڪٽر پروين شاه چيو ته گورنر سنڌ جي حيثيت ۾ مختصر عرصي دوران بيماري جي حالت ۾ به هن سنڌ جي خدمت ڪئي ۽ ڪافي فيصلا پڻ ڪيا. هن ڪڏهن به پنهنجي اصولن تي سودو نه ڪيو. ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر نور احمد شيخ پرووائيس چانسلر مين ڪيمپس، پروفيسر ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ، ڊاڪٽر بدرالدين ميمڻ، ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري، ڊاڪٽر سيد اسد رضا عابدي، ڊاڪٽر مينهون خان لغاري ۽ ڊاڪٽر غلام علي ملاح پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ جسٽس سعيد الزمان صديقي کي شاندار خراج پيش ڪيو. آخر ۾ مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي وئي ۽ سندس خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار پڻ ڪيو ويو. ريفرينس ۾ ڊين فيڪلٽيز، ڊائريڪٽرز ، تدريسي ۽ انتظامي شعبن جي سربراهن شرڪت ڪئي. جڏهن ته يونيورسٽي ۽ ان جو شڪارپور ڪيمپس 12 وڳي بند ڪيو ويو ۽ تدريسي ۽ انتظامي عمل معطل رهيو

786

فري نيوز                                                                    آزاد صحافت

النور نيوز ايجنسي(انّا)مال روڊ خيرپور سنڌ

________________________________________________________________________

                    موبائل 03013872045 _ 03363176011         فيڪس نمبر 0243714932npckhp@gmail.comاي ميل  ايڊريس

 خيرپور(انّا) ايجوڪيشن ۽ لٽريسي کاتي خيرپور جي نئي چيف مانيٽرنگ آفيسر، اي ڊي سي ٽو رياض حسين وساڻ چارج سنڀالن کان پوءِ گورنمنٽ ناز پائلٽ هاءِ اسڪول، سينٿ ٿريزاز هاءِ اسڪول ، ڪمپري هينسيو هاءِ اسڪول ۽ گورنمنٽ گرلز هائر سيڪنڊري اسڪول جو دورو ڪيو دوري دوران ناز پائلٽ هاءِ اسڪول ۾ شاگردن سان گڏ سمورا استاد حاضر هئا ۽ سي ايم او پاران شاگردن کان پڇيل سوالن جا جواب درست ملڻ تي سي ايم او ناز پائلٽ هاءِ اسڪول جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ان کان علاوه ٻين جاڻايل اسڪولن ۾ شاگردن جي حاضري 70 سيڪڙو گهٽ هئي جنهن تي چيف مانيٽرنگ آفيسر رياض حسين وساڻ اسڪول انتظاميه جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي غير تسلي بخش قرار ڏنو. رياض حسين وساڻ ان موقع تي چيو ته اسانجو مقصد تعليم کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۽ استادن جي حاضري کي يقيڻي بڻائڻ آهي هن چيو ته سماج ۾ بهتر تبديلي بهتر تعليم جي فراهمي سان ئي ممڪن ٿيندي هن چيو ته استاد تنظيمن ۽ والدين کي پڻ آن بورڊ ورتو ويندو ۽ شاگردن جي حاضري کي مڪمل ڪرڻ لاءِ اپائن تي عمل درآمد ڪرايو ويندو سي ايم او رياض حسين وساڻ چيو ته اسڪولن جي انفرااسٽرڪچر کي بهتر ڪرڻ، انرولمنٽ ۽ استادن جي حاضري لاءِ سمورن اپائن تي ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي جنهن لاءِ اسٽيڪ هولڊرز ۽ سول سوسائٽي جي پڻ مدد ورتي ويندي اسڪولن ۾ بنا اطلاع جي موڪل ڪرڻ وارن استادن لاءِ خاص ميڪنزم جوڙي غير حاضري واري نظام کي ختم ڪيو ويندو هن چيو ته جلد ضلع جي سمورن تعلقن ۾دورو ڪري اسڪولن ، استادن ۽ شاگردن جي مسئلن کي حل ڪيو ويندو ان موقع تي ناز پائلٽ هاءِ اسڪول جي استادن سي ايم او سان مطالبو ڪيو ته اسڪول ۾ هيڊ ماسٽر جي پوسٽ لاءِ استاد مقرر ڪيو وڃي جيڪو اسڪول جي بهتري لاءِ اثرائتو ڪم ڪري واضح رهي ته 2014 کان ناز پائلٽ هاءِ اسڪول ۾ هيڊ ماسٽر جي سيٽ خالي پيل آهي.    

خيرپور (انّا) پريالوءِ ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ واڌو بلن خلاف شھرين جو احتجاج.خبر موجب سيپڪو سب ڊويزن پريالوءِ جي ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ 16 کان 18ڪلاڪن تائين بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ جاري آھي جنهن سبب علائقي جوڪاروهنوار سخت متاثر ٿي رهيو آھي.بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شھرين غلاماصغر، غلام النبي، شاهنواز، الهڏنو، راجه، ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو. هنن چيو ته پريالوءِ سميت مختلف ڳوٺن م بجلي جي 18 ڪلاڪن تائين هٿرادولوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي جنهن ڪري ڪري ڪاروهنوار مڪمل طور ٺپ ٿي ويو آھي. روزگار نه هجڻ سبب فاقاڪشي واري زندگي گذاري رهيا آھيون مٿان وري هزارن جاواڌو بل اماڻي جيئڻ جنجال ڪيو ويو آھي. هنن سيپڪو چيف سکر کان مطالبو ڪيوته سيپڪو پريالوءِ جي راشي ايس ڊي او ۽ لائين سپرنٽينڊننٽ کي هٽائيلوڊشيڊنگ جو  آزار ختم ڪيو وڃي ۽ واڌو بل واپس ورتا وڃن.

 

تاريخ 12 جنوري 2017ع

.