شڪارپور(رپورٽ؛) شڪارپور بچايو تحريڪ طرفان شھر جي اھم مسئلن جنهن ۾ پورو شھر گندگي جي ور چڙهي وڃڻ ۽ پوري شھر جي روڊن جي افسوس ناڪ حالت جي خلاف شڪارپور بچايو تحريڪ طرفان سيشن ڪورٽ شڪارپور ۾ داخل ڪرايل پٽيشن جي اڄ ٻئي ٻڌڻي رکي وئي ، 

جتي شڪارپور بچايو تحريڪ طرفان ايڊوڪيٽ علي اصغر پھوڙ ، ايڊوڪيٽ اظھر حسين عباسي ، ايڊوڪيٽ مظھر حسين مڱريو ، ايڊوڪيٽ محمد عظم بروھي ، ايڊوڪيٽ خادم حسين پٽاڻ ، ايڊوڪيٽ عدنان علي عباسي ، ايڊوڪيٽ وقار ابڙو ، ايڊوڪيٽ شڪيل چنه ، ايڊوڪيٽ عطيق ڪيھر ، ايڊوڪيٽ ظفر علي چنه ، ايڊوڪيٽ الاهي بخش شيخ ، زاھد احمد ڀنڀرو ، وحيد قريشي ، اسد الله سومرو ، حاجي سميع الله شيخ ، احسان جيھو ، ۽ شھري وڏي تعداد ۾ ڪورٽ سڳوري ۾ پيش ٿيا ۔ جنهن ۾ اڄ ٻئي حاضري تي ڊسٽرڪٽ مينجر نساسڪ ۽ ميونسل ڪاميٽي شڪارپور جو سي ايم او پيش ٿيا ، جڏهن ته اڄ ٻئي ٻڌڻي تي به ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور پيش نه ٿيو جنهن تي ڪورٽ سڳوري سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي شوڪاز جاري ڪري ڇڏيا ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي ھر حال ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ۔ آيل ڊسٽرڪٽ مينجر نساسڪ کان ڪورٽ سڳوري سخت پڇاڻو ڪندي وارننگ جاري ڪري ڇڏيا ته ھفتي اندر پورو شھر صاف ٿيڻ گھرجي نه ته ٻئي صورت ۾ ڪورٽ سڳوري کي لاڪپ پنھجا آهن ، هن موقعي تي ڪورٽ سڳوري ۾ وڪيلن ۽ شھرين شھر جي تباهي تي دانھون ڪيون ، عدالت سڳوري نساسڪ کي حڪم جاري ڪيو ته پوري عملي جي لسٽ رڪارڊ ۽ وارڊ سميت پيش ڪئي وڃي ۽ نساسڪ شڪارپور کي ڪيتري بجيٽ آهي اھو سمورو رڪارڊ عدالت ۾ ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ۔ ڪورٽ سڳوري سخت رماڪس ڏيندي نساسڪ جي ڊسٽرڪٽ مينجر کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته ھفتي اندر پورو شھر صاف ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ ڪورٽ سڳوري وٽ لاڪپ پنھنجو آهي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محترم مشتاق احمد لغاري صاحب چيو ته آء پاڻ شھر جي وزٽ ڪري ڏسندم اھو وزٽ سرپرائز ھوندو چاهي موٽر سائيڪل تي اچان يا سائيڪل تي پر پورو شھر صاف ھجي ۔ جڏهن ته ڪورٽ سڳوري طرفان شڪارپور بچايو تحريڪ جي ايندڙ ٻڌڻي 20 جنوري بروز جمعه تي رکي وئي ، جنهن جا واسطيدار ذميوارن کي نوٽيس جاري ڪندي پابند ڪيو ويو ته شھر کي صاف ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي گھربل رڪارڊ پيش ڪيو وڃي ۔