مير پور ماٿيلو(رپورٽ؛هادي بخش جلباڻي) ضلعي گهوٽڪي ۾ غير معياري دوائن خلاف وٺ پڪڙ شروع، ايگريڪلچر جي اسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ سندس ٽيم جو مير پور ماٿيلو ۾ پيسٽي سائيڊ ڊيلرن جي دوڪانن تي چاپا، غير معياري دوائن جا 7 سيمپل هٿ، هٿ ڪيل سيمپل چڪاس لاءِ ليبارٽري روانا، جيڪو به ٻه نمبر ڪاروبار ڪندو تنهن کي بخش نه ڪيو ويندو،

سيمپل جي رپورٽ اچڻ بعد ڪاروائي ڪندا سون، اسٽنٽ دائريڪٽر شاهنواز شيخ جي ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ، تفصيل موجب ضلعي گهوٽڪي ۾ غير معياري دوائن، کاڌ، ٻج، ۽ ڀاڻ خلاف وٺ پڪڙ شروع ڪري ڏني آهي، ان سلسلي ۾ ايگريڪلچر جي اسٽنٽ ڊائريڪٽر شاهنواز شيخ پنهنجي ٽيم ساڻ ڪري مير پور ماٿيلو جي پيسٽي سائيڊ جي دوڪانن تي چاپا هنيا ۽ شڪ جي بنياد تي دوائن جا سيمپل کڻي ليبارٽري ڏانهن اماڻي ڇڏيا آهن، ان سلسلي ۾ مير پور ماٿيلو جي پيسٽي سائيڊ جي دوڪاندارن وڪرم لعل، نانڪ رام، وڪاش ڪمار، نثار احمد کوسو، سميت ٻين دوڪانن تي چاپا هڻي مختلف ڪمپنين جي دوائن اسٽارون، سپر سوائيز، ليمبڊا، اڪيڊوي، مشن ايڪسٽر، ٽوٽل انرجي، ٽوٽل ڪيئر سميت 7 سيمپل کنيا آهن، ان سلسلي ۾ استنٽ ڊائريڪٽر شاهنواز شيخ ميڊيا کي ٻڌايو ته ضلع گهوٽڪي ۾ غير معياري دوائن سان گڏو گڏ، مدي خارج، دوائن جو وڪرو ڪندڙن کي بخش نه ڪندا سون، ۽ قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندا سون، هن چيو ته جيڪو به ٻه نمبري واري ڌنڌي ۾ ملوث هوندو ان خلاف ڪندا سون..