شھدادڪوٽ  (ڊ ر) شهدادڪوٽ جي باقرآباد پاڙي جي پورهيت رهواسي عبدالڪريم سيلرو پنهنجي بيمار نياڻي سان گڏ  نيشنل پريس ڪلب پهچي ميڊيا وارن آڏو دانهيو آهي ته سندس 9 ورهين جي نياڻي صائمه سيلرو جي ڪنڌ کان دماغ ڏانهن ويندڙ رڳ سڄي وئي آهي 

، پورهيت چيو ته شهدادڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي جي اسپتالن مان سندس علاج ڪرايو آهي پر  کيس ڪو به فائدو ناهي رسيو ، پورهيت ٻڌايو ته ڊاڪٽرن سندس آپريشن ڪرائڻ جو مشورو ڏنو آهي جنهن تي لکين روپيا خرچ ايندا ۽   هن وٽ هاڻ ڪجهه به ناهي بچيو ، جيڪو اڳڪو ، ترڪو هو سندس علاج تي خرچ ڪيو آهي ، پورهيت جو چوڻ هو ته سندس نياڻي سور سبب ڏينهن ۽ راتيون عذاب ۾ ڪاٽي ٿي جيڪو کانئن برداشت نه ٿو ٿئي ، هن سرڪار ۽ سرنديءَ وارن کي اپيل ڪئي آهي ته سندس نياڻيءَ جي آپريشن ۾ مدد ڪري نياڻيءَ کي تڪليفن کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي 
 

شھدادڪوٽ (ڊ ر) تعلقي ميروخان جي يو سي کبڙ جي مختلف ڳوٺن جي ڪيترن ئي  رھواسين  پاران ٻارڙن کي مبينا پوليو جا غير معياري   ڦُڙا پيئارڻ  خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ،  ڳوٺ بهليم  ، احسان گاڏھي ، محمد نواز مگسي جي رھواسين اياز  مگسي ، نور احمد مگسي ، بخت مگسي ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ جمع کرل چوڪ  تي احتجاجي مظاھرو ڪندي پوليو عملي خلاف سخت نعريبازي ڪئي ، ان موقعي تي ڳوٺاڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته پوليو انچارج ڊاڪٽر هريش ڪمار ۽ سپر وائيزر امتياز سولنگي سندن علائقي جي معصوم ٻارڙن کي مبينا مدي خارج ۽ ۽ بنا برف جي ٿرماس ۾ رکيل ڦڙا پيئاري ٻارڙن جي زندگين سان کيڏي  کين معذور بڻائي رهيا آهن هنن چيو ته اهڙن ڦڙڻ پيئڻ سبب سندن 2 ٻارڙا اپاهج بڻجي چڪا آهن ،  احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته پوليو عملي جو اهڙو  عمل ڪافي عرصي  کان  هلندو پئي آيو ۽ هنن ڪجهه ڏينهن اڳ عملي  وٽان   اهڙا  ناڪاره ۽ بنا برف جي رکي  خراب ڪيل پوليو ڦڙن جا وائل  هٿ ڪري ورتا آهن،  ڳوٺاڻن دانهيو ته پوليو عملو پنهنجي غلطي تسليم ڪرڻ بدران ڳوٺاڻن کي ابتڙ پوليو وائل ڦرڻ جي ڪيس داخل ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيو آهي ، جيڪا سراسر ناانصافي آهي ، هنن گهر ڪئي ته   ڊاڪٽر هريش ڪمار ۽ سپروائيزر امتياز سولنگي جي لاپرواهي ۽  ٻارڙن جي زندگين سان کيڏڻ واري  عمل جو نوٽيس وٺي وٽن   هٿ ڪيل وائلن جي ٽيسٽ ڪرائي ، انهن خلاف سخت ڪاروائي ڪري  وڌيڪ علائقي جي ٻارڙن کي اپاهج ٿيڻ کان بچايو وڃي،  ٻي صورت ۾ هنن سخت احتجاج جو چتاءٌ ڏنو آهي ، هوڏانهن ميڊيا پاران  رابطي ڪرڻ تي ڊاڪٽر هريش ڪمار ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪندي چيو ته هو ان جو ذميوار  ڪونهي ان سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر سان رابطو ڪريو .