شڪارپور (رپورٽر) تعليم، صحت ۽ پبلڪ هيلٿ کاتا شڪارپور اندر انتهائي نااهليءَ جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. اي ڊي پي اسڪيمون پئسا هڙپ ڪرڻ جو ذريعو آهن. ضلع چيئرمين شڪارپور ڊسٽرڪٽ ڪائونسل شڪارپور جو اجلاس 

، ڊي سي آفيس ،جي ميٽنگ هال ۾ ٿي گذريو اجلاس سان خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ چيئرمين آغا مسيح الدين خان چيو ته هيل تائين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل کي ڪا به بجيٽ نه ملي آهي فقط پگهارون جاري ڪيون وڃن ٿيون. جڏهن ته پگهارن جي مد ۾ پڻ ضلعي ڪائونسل جي ملازمين جا 7 ڪروڙ روپيه بقايه رهيل آهن. جيئن ئي اسان کي مالي اختيار ملندا ۽ بجيٽ ملندي ته هر ميمبر کان سندس يوسيز جي لحاظ کان ترقياتي اسڪيمون ورتيون وينديون. هن چيو ته هو اي ڊي پي جي تحت اسڪيم کي 3 سالن ۾ مڪمل ڪرڻ جو مخالف آهي ان سان اسڪيمون رولڙي جو شڪار ٿي وڃن ٿيون. اسڪيمون فقط ايتريون کڻڻ گهرجن جيتريون  هڪ سال اندر مڪمل ٿي سگهن. هن چيو موجوده اي ڊي پي جو طريقيڪار فقط پئسا هڙپ ڪرڻ جو بهانو آهي. ضلعه چيئرمين چيو ته تعليم کاتو، صحت کاتو ۽ پبلڪ هيلٿ شڪارپور اندر انتهائي نااهليءَ جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. تعليم جي وزير ڪجهه ڏينهن پهريان شڪارپور ۾ گڏجاڻي ڪري لوڪل گورنمينٽ جي نمائندن کي اسڪولن جي مانيٽرنگ ڪرڻ جو چيو آهي. جڏهن ته ان سلسلي ۾ سڀني ميمبرن کي گذارش آهي ته هو پنهنجن علائقن ۾ اسڪولن جي مانيٽرنگ ڪري انهن بابت رپورٽ ڏين. جڏهن ته اسپتالن جي صورتحال پڻ ٺيڪ ناهي، اسپتال ۾ ڊاڪٽر ۽ دوائون نه ٿيون ملن ۽ پبلڪ هيلٿ جي نااهليءَ سبب شهر ۾ گندي پاڻي جا نالا بڻجي ويا آهن. پر ڪابه ڪم واري اسڪيم ناهي ٺاهي وئي. گڏجاڻيءَ سان خطاب ڪندي نمورو يوسي جي چيئرمين عارف خان مهر چيو ته ڊپٽي ڪمشنر کان پڇا ڪئي وڃي ته ڪهڙي طريقيڪار موجب ڊسٽرڪٽ ڪائونسل کي فنڊ ڏنا ويندا ته جيئن اي ڊي پي تحت لوڪل گورنمينٽ جا نمائندا به پنهنجون اسڪيمون ڏين. يوسي چيئرمين سيد نادر علي شاهه تجويز ڏني ته پراڻي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل کي بحال ڪري اتي اجلاس هلايا وڃن ۽ اڳوڻي ضلعه ناظمي واري دور ۾ جيڪي گاڏيون ۽ ٻي املاڪ ان وقت جي ڊي سي او حوالي ڪيون ويون هيون. انهن جي باري ۾ پڇيو وڃي. اجلاس سان خطاب ڪندي يوسي ماڇي جي چيئرمين امجد خان چيو ته اسان سان ماما لالو واري ڪار ٿي آهي هيسيتائين اسان کي ڪجهه به ناهي مليو. ماڻهو اسان کان پڇا ڪن ٿا. اجلاس سان خطاب ڪندي يوسي چيئرمين محمد مراد جعفري چيو ته تعليم کاتي وارن بند اسڪولن کي فرنيچر ڏنو ويو آهي جڏهن ته کليل اسڪولن کي فرنيچر نه ڏنو ويو آهي. ان بعد اجلاس ملتوي ڪيو ويو ۽ ايندڙ اجلاس 26 جنوري 2017 تي 12 وڳي منجهند رکيو ويو آهي.