گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون مودي سرڪار طرفان والاريل ڪشمير ۾ ملٽري آبزرور گروپ کي ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ مليحه لوڌي نيويارڪ ۾ هڪ اعليٰ سطحي سفارتي اجلاس دوران بان ڪي مون تي زور ڏنو ته

اهو ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته گڏيل قومن جو آبزرور گروپ والاريل ڪشمير جي موجوده صورتحال تي غيرجانبدار رپورٽ جوڙي ۽ سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪري. مليحه لوڌي اجلاس کي ٻڌايو ته پاڪستان وڌ کان وڌ تحمل جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، پر ڪنهن به قسم جي جارحيت ۽ اشتعال انگيزي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو، تازو پيدا ٿيل ڇڪتاڻ جي سموري ذميواري ڀارت تي لاڳو ٿئي ٿي.