واشنگٽن  آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته ڀارت سرحدي اڳرائي ذريعي پاڪستان جي امن ڪوششن کي نقصان پهچائي رهيو آهي، ٻنهي ائٽمي طاقتن وچ ۾ تڪرارن جي حل جو آپشن جنگ ناهي..

واشنگٽن ۾ جليل عباس جيلاني وويمن فارن پاليسي گروپ کي بريفنگ ڏني جنهن ۾ هن پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن توڙي استحڪام تي روشني به وڌي. بريفنگ دوران جليل عباس جيلاني جو چوڻ هو ته پاڪ- آمريڪا لاڳاپا گڏيل جمهوري مقصدن، احترام ۽ امن جي بنياد تي قائم آهن، پاڪستان پرامن پاڙيسري پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي. پاڪستاني سفير چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي جڏهن ته ڀارت سرحدي اڳرائي ذريعي پاڪستان جي امن ڪوششن کي به تباهه ڪري رهيو آهي. جليل عباس جيلاني چيو ته ٻن ائٽمي طاقتن وچ ۾ تڪرارن جي حل جو آپشن جنگ ناهي، جڏهن ته لاڳاپن ڏکئي وقت ۾ ٻنهي کي متحد رکيو. پاڪستاني سفير وڌيڪ چيو ته پاڪستاني معاشرو جمهوريت، آزاد ميڊيا ۽ عدليه طرف وڌي رهيو آهي، مالياتي ۽ ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسيز جو پاڪستان جي معيشت بابت سٺي راءِ جو ثبوت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ عورتن جي حقن لاءِ قانون سازي ڪئي وئي آهي، پاڪستان ۾ فوجي آپريشن کانپوءِ دهشتگردي جو تقريبن خاتمو اچي چڪو آهي. جليل عباس جيلاني چيو ته دهشتگردي جو خاتمو سڪيورٽي فورسز جي قربانين جو نتيجو آهي جنهن بعد امن امان جي صورتحال ۾ بهتري سان معاشي سرگرمين ۾ تيزي آئي آهي