نيويارڪ (م ڊ) ڪير بڻجندو آمريڪا جو نئون صدر، چونڊون سڀاڻي ٿينديون، هليري کي سرسي حاصل، آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ صرف هڪ ڏينهن رهجي ويو آهي، ٻنهي صدارتي اميدوارن جي چونڊ مهم به عروج تي آهي، .

آمريڪي صدارتي چونڊن لاءِ چوند مهم آخري مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي،  ٻئي اميدوار ووٽرن کي متاثر ڪرڻ لاءِ پنهنجو پورو زور لڳائي رهيا آهن. جڏهن ته چونڊن دوران القائده حملن جي امڪان کي ڏسندي 3 رياستن نيويارڪ، ٽيڪساس ۽ ورجينيا ۾ وارننگ به جاري ڪئي وئي آهي. برطانوي اخبار ٽيلي گراف جي رپورٽ موجب 45 هين آمريڪي  صدر بڻجڻ لاءِ ميجڪ فگر جي انگن اکرن مطابق هليري ڪلنٽن 227،  جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ 164 ووٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. هاڻ سموريون نظرون 3 اهم رياستن فلوريڊا، اوهايو ۽ پينسلوينا تي لڳل آهن، انهن رياستن ۾ هليري کي ٽرمپ تي معمولي سرسي حاصل آهي. هوڏانهن 37 رياستن ۾ وقت کان اڳ ووٽنگ جو عمل هلندڙ آهي،  چونڊ مهم ۾ ڳائڻا ۽ اداڪار به ٽپي پيا  آهن