تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اميد آهي ته ايندڙ هفتي پاناما ليڪس جو فيصلو اچي ويندو، منهنجو سڄو ڌيان پاناما جي پچ تي آهي، پاناما ڪيس جو فيصلو اشرافيه جي حڪومت هلائڻ جو طريقو بدلي ڇڏيندو، .

محمد زبير کي گورنر جو عهدو شريف ڀائرن جي خدمت ڪرڻ جي عيوض مليو آهي ۽ منجهانئس اهڙي ئي احمقاڻي بيان جي اميد هئي. اسلام آباد ۾ بزنس سمٽ کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اسان اڄ جن مسئلن جو شڪار آهيون، اهي مسئلا 80ع جي ڏهاڪي ۾ پيدا ٿيا، پاناما ڪيس پاڪستان جي طاقتور ماڻهن جي خلاف آهي. هن چيو ته 22 سياسي پارٽين چيو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي، ملڪ ۾ مارشل لا جو رستو آزاد ميڊيا جي ڪري سدائين لاءِ بند ٿي ويو آهي. هن چيو ته هتي ته ڪرڪيٽ کي برباد ڪيو ويو آهي، منهنجي دور ۾ عبدالقادر جهڙو اسپنر هو. هن چيو ته وزيراعظم کي پي سي بي جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جو اختيار نه هجڻ گهرجي. عمران خان چيو ته شڪست جو خوف رکندڙ ڪڏهن به کٽي نه ٿا سگهن. هن چيو ته خيبرپختونخوا جي حڪومت ٻين حڪومتن کان گهڻا ڀيرا بهتر آهي، خيبرپختونخواهه ۾ اسان ادارا ٺيڪ ڪيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن آئون وزيراعظم ٿيس ته منهنجي سامهون ٻه مقصد هوندا، آئون وزيراعظم بڻجي ادارن جي مضبوطي ۽ ترقي چاهيان ٿو، اليڪشن کٽي نواز شريف ٿاڻيدار ٿيڻ ۽ آئون وزيراعظم ٿيڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي غلطي 80ع جي ڏهاڪي ۾ آمريڪا جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ آهي، اسان ڊالر جي لاءِ جهادي ٺاهيا ۽ پوءِ ڊالر جي ڪري ئي ماريا وياسين، وري توهان ڏٺو ته آمريڪا کي چئي پاڪستان ۾ ڊرون حملا ڪرايا ويا. هن چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ منهنجي سوچ کان به وڌيڪ خراب نڪتو آهي، ٽرمپ جي صدر ٿيڻ تي مون چيو هو ته هڪ تهذيب جي تنزلي ٿي آهي جڏهن ته عمران خان پي ٽي آءِ کانسواءِ ٻي ڪهڙي پارٽي پسند آهي جي سوال جو جواب گول ڪري ويو ۽ چيو ته اهو وڏو مشڪل سوال آهي. هن چيو ته محمد زبير کي گورنر جو عهدو شريف ڀائرن جي خدمت ڪرڻ جي عيوض مليو آهي ۽ سنڌ جي گورنر مان اهڙي ئي احمقاڻي بيان جي اميد هئي. هن چيو ته پاڪستان جو هر ماڻهو سمجهي ٿو ته قطري خط ڪوڙو آهي. هن چيو ته جنرل راحيل شريف ڪراچي ۾ امن آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا. هن چيو ته ڌانڌلي جي جاچ لاءِ قائم ڪيل عدالتي ڪميشن 40 هدايتون ڏنيون، اسان چارٽر آف ڊيمانڊ جلد ئي سامهون آڻينداسين