جعفر آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ، بلوچ قومپرستن تي زور ڀريو آهي ته اهي پاڻ کي غلط استعمال ٿيڻ نه ڏين. هٿيار کڻي جبلن تي چڙهڻ سان سندن پنهنجو نقصان ٿيو ۽ مخالفن کي کين غدار چوڻ جو موقعو پڻ فراهم ٿيو. .

جعفر آباد ۾ پ پ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ چيو ته پنهنجا حق زبردستي وٺڻ جي ضرورت ناهي، بلوچ سوچين ته جبلن تي چڙهڻ سان ڪنهن جو نقصان ٿيو آهي؟ هن چيو ته ڀارت، بلوچستان جي قومپرستن کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، بلوچن کي غلط استعمال نه ٿيڻ گهرجي. ‎اڳوڻي صدر موجب بلوچ عوام کي قومپرستيءَ جي بهاني ورغلايو پيو وڃي، بلوچن پنهنجي سياست کي غلط رنگ ڏئي، مخالفن کي غدار چوڻ جو موقعو فراهم ڪيو، جڏهن ته جبلن تي چڙهڻ سان سندن پنهنجو‎ نقصان ٿيو ۽ قومون تباهه ٿي ويون. آصف علي زرداريءَ آدمشماريءَ ۾ بلوچستان سان ناانصافيءَ جو اعتراف ڪندي چيو ته هو جيترو پاڪستان سان پيار ڪري ٿو اوترو ئي پيار کيس بلوچستان سان به آهي، صوبي ۾ قدرتي وسيلا ۽ زمين زرخيز آهي، هو غربت جو خاتمو آڻي خوشحالي آڻيندا. پ پ جي شريڪ چيئرمين پنهنجي صدارتي دور جا ڪارناما ڳڻائيندي چيو ته هن پارليامينٽ کي بااختيار بڻائيندي، پختونن کي سڃاڻپ فراهم ڪئي، مارشل لا جو مائينڊ سيٽ ختم ٿيڻ ۾ 20 سال لڳندا آهن. اڳوڻي صدر ڀارتي وزيراعظم نريندر موديءَ کي به تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته هڪ واڻيو اسانجو پاڻي بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، مستقبل ۾ پاڻيءَ تي جنگيون لڳي سگهن ٿيون، جڏهن ته پاڪستان هڪ ويڙهه طالبانائزيشن خلاف پڻ وڙهي رهيو آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ پنهنجي خطاب ۾ سي پيڪ رٿا جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته اقتصادي راهداري رٿا سڄي ملڪ لاءِ ٺهي رهي آهي، پر ڪجهه ماڻهن کي شڪ آهن، سي پيڪ ذريعي چين کي گرم پاڻين تائين پهچ حاصل ٿيندي