اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم نامي کي خارج ڪندي شريف خاندان جي ٽن شگر ملن اتفاق شگر مل، چوڌري شگر مل ۽ وقاص شگر مل جي پيڙهائي روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. .

چيف جسٽس ثاقب نثار، جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس فيصل عرب تي ٻڌل ٽه رڪني بئنچ جي ٽي ڊبليو شگر مل جي مالڪ جهانگير ترين جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. جهانگير ترين جي وڪيل بيريسٽر اعتزاز احسن سپريم ڪورٽ ۾ موقف اختيار ڪيو ته هاءِ ڪورٽ اتفاق شگر مل کي ابتدائي رليف فراهم ڪيو ۽ پاور پلانٽ جي آڙ ۾ شگر ملون هنيون ويون جنهن کانپوءِ اتفاق شگر مل، چوڌري شگر مل ۽ وقاص شگر مل کي ڪريشنگ روڪڻ جو حڪم ڏيندي لاهور هاءِ ڪورٽ جي پيڙهائي شروع ڪرڻ جو حڪم نامو خارج ڪري ڇڏيو، جنهن پيڙهائي شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو جڏهن ته عدالت چيو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ ان ڏس ۾ 16 فيبروري کان ڪيس جي ٻيهر ٻڌڻي ڪري هڪ هفتي ۾ فيصلو ٻڌائي جڏهن ته عدالت ڪيس جي ٻيهر ٻڌڻي جو پڻ حڪم ڏنو آهي