صدر ممنون حسين ڏکي دور ۾ قوم جي رهنمائي جي لاءِ دانشور طبقي کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته انتهاپسنداڻن خيالن کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ جوابي قومي بياني جي تياري ۾ پاڪستان جي اديبن ۽ دانشورن جو ڪردار انتهائي اهم آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه خميس ڏينهن هتي مقامي هوٽل ۾ ناليواري اديب ۽ پي ٽي وي جي چيئرمين عطاءُ الحق قاسمي جي تصويري سوانح عمري جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي چئي جنهن کي قمر رياض جوڙيو.

تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري صلاحڪار عرفان صديقي، سينيٽر پرويز رشيد، اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ صحافين شرڪت ڪئي. صدر چيو ته قومي تاريخ تي نظر وڌي وڃي ته سر سيد احمد خان کان وٺي علامه اقبال ۽ مولانا حسرت موهاني کان وٺي فيض ۽ جالب تائين عظيم شاعرن ۽ اديبن جي هڪ ڪهڪشان نظر اچي ٿي جن هر قومي تحريڪ ۽ مشڪل موقعي تي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪيون پر گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان پاڪستان ۾ صورتحال ابتڙ آهي. صدر اميد ظاهر ڪئي ته اسان جا ادبي محقق ۽ نقاد ان معاملي تي غور ڪري پنهنجي برادري جي ضرور رهنمائي ڪندا. صدر چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جي آئين ۽ قانون جو تعلق قوم جي ظاهري پسند، ناپسند، سياسي ۽ مادري معاملن سان آهي ته شعر ۽ ادب جو تعلق ان جي روح، ضمير ۽ لطيف جذبن سان آهي جن سان اندر جي دنيا آباد ٿئي ٿي ۽ اها ئي اها دنيا آهي جنهن جي بنياد تي انسان، معاشرن ۽ ملڪ جي بهتري ٿئي ٿي ۽ ان جي خوبصورتي جو به دارومدار به ان تي آهي. هن چيو ته خوابن جي اها دنيا جيئن ته اديب تخليق ڪن ٿا، ان لاءِ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته اديبن جي ذاتي زندگي ڪيئن هوندي آهي، انهن جو نظام فڪر عام ماڻهن کان ڪيئن مختلف هوندو آهي ۽ معاشري جي بهتري ۽ خوبصورتي جا اهڙا خواب ڏسندڙن جي پاڻ پنهنجي دنيا ڪيئن هوندي آهي؟ اسان انهن معاملن کان رڳو جيون ڪٿا جي ذريعي ئي آگاهه ٿي سگهون ٿا. ان لاءِ منهنجو خيال آهي ته اديبن ۽ شاعرن کي پنهنجي جيون ڪٿا ضرور لکڻ گهرجي ڇو ته ادب جي اها صنف پڙهندڙن جي تربيت جو بهترين ذريعو آهي پر آئون اهو به سمجهان ٿو ته اديبن ۽ شاعرن جي زندگي تي ڊراما ۽ فلمون به ٺهڻ گهرجن. هن چيو ته ان سلسلي ۾ سينيئر اديبن ۽ فنڪارن کي اڳرائي ڪرڻ گهرجي ته جيئن معصوم ذهنن جي تربيت ٿي سگهي ۽ فن جو اهو ذريعو مايوسي پکيڙڻ بدران اميد جاڳائڻ جو وسيلو بڻجي وڃي. صدر چيو ته ان پس منظر ۾ آئون ملڪ جي ناليواري شاعر ۽ اديب عطاءُ الحق قاسمي جي تصويري ڪٿا جي آجيان ڪريان ٿو ۽ قمر رياض کي انتهائي محنت سان ايتري خوبصورت ڪتاب جوڙڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته شعر ۽ ادب جي هڪ قاري جي حيثيت سان معاملن بابت سندس ڪردار ۽ سرگرمين کان باخبر  رهڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. هن چيو ته موجوده دور رڳو پاڪستان جي لاءِ ئي نه پر پوري عالمي برادري جي لاءِ مشڪل ۽ پريشان ڪندڙ آهي. گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان معاشرن ۾ غيرمعمولي شڪست ملي آهي ۽ ماڻهن جو جن نظرين تي صدين کان يقين هو، وقت جي بساط تي انهن کي شڪست ٿي رهي آهي.  پاڪستاني معاشرو به ان نظرياتي افراط ۽ تفريط کان ناهي بچي سگهيو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ اسان جي نوجوانن جو وڏو انگ رستي جي ڳولا ڪري رهيو آهي. اسان جي نئين نسل ۽ مختلف طبقن جي اها ئي پريشاني آهي جنهن جي نتيجي ۾ انتهاپسندي کي هٿي ملي ۽ اسان جا ٻار ان جو شڪار ٿيندا ويا. عالمي طاقتن جي ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ دنيا ۾ پهريون ڀيرو ائين ناهي ٿيو پر جڏهن به اهڙي قسم جي صورتحال پيدا ٿئي ٿي ته معاشري جي سوچڻ سمجهڻ وارا طبقا متحرڪ ٿي قوم جي صحيح رخ ۾ رهنمائي ڪن ٿا، ان سلسلي ۾ اسان جي دانشورن جو ڪردار ڪهڙو رهيو؟ ان سوال جو جواب توهان مون کان وڌيڪ بهتر ڏئي سگهو ٿا. آئون سمجهان ٿو ته  موجوده پرآشوب دور ۾ انتهاپسنداڻن خيالن جي لاءِ جوابي قومي بياني جي تياري ۾ اديبن ۽ دانشورن جو ڪردار انتهائي اهم آهي. هن چيو ته 1857ع جي  آزادي جي جنگ کانپوءِ ننڍي کنڊ جي مسلمانن ادب ۾ غيرمعمولي تبديلي ٿي ۽ اسان جي اديبن جي هڪ حلقي مقصدي ادب تخليق ڪرڻ جي جوش ۾ لطيف انساني جذبن ۽ احساسن کي نظرانداز ڪرڻ جو رويو اختيار ڪيو جنهن سان مسئلا پيدا ٿيا. انهن مسئلن جا اثر موجوده دور ۾ به ڏسي سگهجن ٿا مثال طور ٽيليويزن، اخبارن ۽ رسالن حالانڪه ادبي مجلن ۾ توهان کي اڄ به اهڙيون لکڻيون ۽ ڳالهه ٻولهه پڙهڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ ملنديون جن ۾ طعن ۽ تشنيج جي انداز ۾ ڳالهه ڪئي وڃي ٿي يا ڪنهن واقعي کي بنياد بڻائي اهو ٻڌايو وڃي ته معاشرو ۽ معاشرتي ادارا بيحس ٿي چڪا آهن پر جيڪڏهن اهي ئي ادارا ان معاملي تي ڪو سٺو ۽ قابل رشڪ قدم کڻن ته اهڙين لکڻين ۾ انهن کي جاءِ نه ملندي. ان طرزعمل جا ذميوار معاشري جي ستايل ماڻهن کي جذباتي طور تي بليڪ ميل ڪري وقتي مقبوليت ماڻڻ ۾ ته ڪامياب رهن ٿا پر ان جي نتيجي ۾ جيڪا معاشرتي سطح تي هيجان پيدا ٿئي ٿي، ان کان لاتعلق ٿي وڃن ٿا، اهو طرزعمل خطرناڪ آهي جنهن کان بچڻ ضروري آهي. هن چيو ته هو ان ڳالهه کي ورجائڻ چاهي ٿو ته جيڪا عطاءُ الحق قاسمي چئي هئي ته اديب جو ڪم اهو نه آهي ته هو اها ئي ڳالهه چوي جيڪا آساني سان چئي سگهجي ٿي پر اديب جو ڪم اهو آهي ته هو اهڙي ڳالهه چوڻ جي جرئت ۽ اهليت پنهنجي اندر پيدا ڪري جنهن کي چوڻ مشڪل هجي. صدر پنهنجي خطاب ۾ ناليواري ليکڪه بانو قدسيه کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پاڪستاني ادب جي هڪ مضبوط ٿنڀ جو ڪجهه ئي ڏينهن اڳ لاڏاڻو ٿيو آهي. آئون سمجهان ٿو ته بانو قدسيه پاڪستاني ادب جي آبرو ۽ اهو روشن چهرو آهي جنهن کي اسان پوري اعتماد سان عالمي ادب آڏو پيش ڪري سگهون ٿا. مرحومه هڪ اهڙي منفرد اديبه هئي جنهن اسلامي تعليم کي بي مثال طريقي سان پنهنجي فن جو حصو بڻايو. ان تجربي جي خوبي اها آهي ته سندس لکڻيون سندس فڪر ۽ نظرين کان ڪڏهن به بوجهل نه هئي پر ان جي باوجود انهن ۾ پڙهندڙن جي لاءِ هڪ اهڙو پيغام به هوندو آهي جنهن سان ان جي زندگي بدلائي سگهي ٿي. آئون سمجهان ٿو ته ادب جو اهو ئي نظريو صحيح آهي ڇو ته ان سان قومي تعمير جا اعليٰ مقصد حاصل ڪري سگهجن ٿا. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري ۽ انهن کي پنهنجي جنگ ۾ جڳهه ڏي. وزيراعظم جي قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري صلاحڪار عرفان صديقي، سينيٽر پرويز رشيد ۽ عذير احمد، ڊاڪٽر انعام الحق جاويد، مسعود مفتي، فاروق عادل ۽ جاويد چوڌري سميت ٻين شخصيتن به تقريب کي خطاب ڪيو. عطاءُ الحق قاسمي پنهنجي خطاب ۾ صدر ممنون حسين جا ٿورا مڃيا.