وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته هولي جي پرمسرت موقعي تي آئون سڄي پاڪستان جي هندو برادري کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، هي موسم جي تبديلي ۽ بهار جي اچڻ جو اعلان آهي، ان ڏڻ ۾ اميد جو پيغام آهي، اها اميد جيڪا اسان کي هڪ بهتر مستقبل جي خبر ڏيندي آهي، هي ان ڳالهه جي نويد آهي ته جهڙي طرح سردي جي موسم بهار ۾ تبديل ٿيندي آهي، اهڙي طرح معاشري جون حالتون به تبديل ٿينديون آهن

اهڙي طرح معاشري جون حالتون به تبديل ٿينديون آهن، پاڪستان جو موسم به تبديل ٿي رهيو آهي ۽ هتي بهار جا اهي ڏينهن واپس اچي رهيا آهن. جنهن جي ڳولا ۾ مذهبن جي وچ ۾ پرامن گڏيل بقاءَ جو بنياد رکيو ويو، هندو برادري جي پرمسرت ڏڻ هولي جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان ان لاءِ قائم ٿيو هو ته هي مسلمانن سميت هن خطي ۾ آباد هر قبيلي ۽ برادري جي لاءِ امن جو مرڪز بڻجي، قائداعظم 11 آگسٽ 1947ع تي واضح ڪري ڇڏيو هو ته هتي مذهب جي بنياد تي ڪنهن سان ڪو به امتيازي سلوڪ نه رکيو ويندو، قائداعظم ان تقرير ۾ مذهبي اقليتن سان جيڪو واعدو ڪيو هو، رياست پاڪستان ان کي نڀائڻ جي پابند آهي ۽ ان معاملي ۾ ڪوتاهي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي هندو برادري پنهنجي مسلمان ۽ ٻين مذهبن جي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏجي جهڙي طرح ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، پوري قوم ان جو اعتراف ڪري ٿي ۽ اقليتن جي ان جذبي کي ساراهي ٿي، هن چيو ته پاڪستان جي عوام کي گذريل عرصي ۾ جهڙي طرح فسادين جي هٿان خطرن کي منهن ڏيڻو پيو، پاڪستان جون اقليتون به متاثر ٿيون، اها ڳالهه افسوس جوڳي آهي ته ان جي لاءِ اسلام جي نالي کي استعمال ڪيو ويو جيڪو هڪ انسان جي قتل کي پوري انسانيت جو قتل قرار ڏيندو آهي ۽ هڪ انسان جي جان بچائڻ کي پوري انسانيت جي جان بچائڻ جي برابر سمجهندو آهي، جيڪو انساني حقن ۾ مذهب جي بنياد تي ڪنهن امتياز کي روا نٿو رکي ۽ اهو ئي پاڪستان جو آئين به چئي ٿو. وزيراعظم محمد نواز شريف پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته حڪومت، اسلام جي تعليم ۽ پاڪستان جي آئين جي بنياد تي شهرين جي برابري حقن کي يقيني بڻائيندي ۽ ان ڳالهه جو اهتمام ڪيو ويندو ته ڪنهن سان مذهب جي بنياد تي ڪو امتيازي سلوڪ نه ڪيو وڃي، انهن پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ جي پوري آزاد هجي، نوڪرين ۽ ٻين معاملن ۾ کين ڪنهن محرومي جو احساس نه هجي، پاڪستان جي ترقي جي لاءِ ضروري آهي ته قومي وحدت جي جذبي سان اڳتي وڌيو وڃي ۽ اسان سڀ هڪ جان ٿي هڪ اهڙو معاشرو جوڙيون جنهن ۾ هر ڪوئي پاڻ کي آزاد سمجهي ۽ ڪنهن ڏاڍ کي منهن نه ڏيڻو پوي، هولي جو ڏڻ اسان کي هي سيکاري ٿو ته هي نيڪي آهي جيڪا باقي رهندي ۽ بدي کي لازمي شڪست ٿيندي. وزيراعظم چيو ته هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان جي هندو برادري کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ۽ ساڻن يڪجهتي جو اظهار ڪريان ٿو.