آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي واپاري برادري ۽ صنعتڪارن سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران واپاري برادري آرمي چيف کي  سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي خدشن جو اظهار ڪيو. خبر موجب چيف آف آرمي سان ملاقات ڪندڙن ۾ ايس ايم منير، زبير طفيل، شميم فرپو ۽ ٻيا واپاري شامل هئا،.

ملاقات ۾ واپاري برادري چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي ذميواري صحيح نموني سان ناهي نڀائي رهي. ڪراچي کي گندي ۾ گندو شهر بڻايو ويو آهي، صدر، ايف پي سي سي آءِ زبير طفيل جو چوڻ هو ته واپاري برادري پاڪ فوج سان گڏو گڏ بيٺل آهي. شهر ۾ امن امان قائم ڪرڻ امن امان قائم ڪرڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ فوجي جوانن سان هر سهڪار ڪنداسين ، ملاقات دوران آرمي چيف چيوته ڪراچي کي دهشتگردن کان پاڪ ڪيو ويندوان موقعي تي آرمي چيف جنرل جاويد قمر باجوه چيو ته واپاري ۽ صنعتڪار ملڪ جي معيشت جي چيلهه جي هڏي آهن. شهر ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ قانو لاڳو ڪندڙ ادارا ڪم ڪندا رهندا. صدر ايف پي سي سي آءِ زبير طفيل  چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي ذميواري ٺيڪ طريقي سان ناهي نڀائي رهي. ڪراچي شهر کي گندو ترين شهر بڻايو ويو آهي. آرمي چيف ۽ واپاري برادري ۾ ملاقات 2 ڪلاڪن تائين جاري رهي جڏهن ته ملاقات ۾ 40 کان وڌيڪ واپاري ۽ صنعتڪار تنظيمن جي ميمبرن شرڪت ڪئي.