ڊيووس (م ڊ) اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) راحيل شريف چيو آهي ته دهشتگردي جون زنجيرون ٽوڙي ڇڏيون آهن، جنرل باجوا حڪومتي سپورٽ سان قدم اڳتي وڌائيندو، ميڊيا رپورٽ موجب راحيل شريف ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ شرڪت لاءِ ڊيووس ۾ موجود آهي، مختلف وفدن سان ملاقات دوران سندس چوڻ هو ته آپريشن ضرب عضب سبب هر طرف پاڪستان جو جهنڊو نظر اچي رهيو آهي، 

ڪومبنگ آپريشن سبب بچيل دهشتگردن جي ڳولا جاري آهي، پاڪستان خراب کان خراب حالتن ۾ اڳتي وڌڻ جي صلاحيت رکي ٿو، پاڪستان جو سڀ کان وڌو صوبو بلوچستان مستحڪم ٿي رهيو آهي، راحيل شريف جو چوڻ هو ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن مطابق حل ٿيڻ گهرجي.