سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته  چوڌري نثار ناڪام گهرو وفاقي وزير آهي، جيڪو نواز شريف جو خير خواهه ناهي، پاناماليڪس معاملو عدالت ۾ آهي، فيصلو به عدالت ڪندي، پي ٽي آئي سنڌ ۾ آئي ۽ هلي به وئي ۽ ان جي سنڌ ۾ ڪابه حيثيت ناهي، ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي تڪ جي دوري دوران خطاب ڪرڻ ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو،

وڏي وزير چيو ته مردم شماري جي حوالي سان سنڌ حڪومت پاران آگاهي ڏني پئي وڃي ۽ ان مهم دوران ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي، هن چيو ته گذريل نون سالن کان پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت عوام جي ڀرپور خدمت ڪري رهي آهي ۽ ايندڙ چونڊن لاءِ پڻ گرائونڊ ورڪ مڪمل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته هن وقت اسان جو ڌيان ترقياتي رٿائن کي مقرر ڪيل وقت ۾ پورو ڪرڻ آهي، وڏي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب ۾ ٻيهر مضبوط ٿي رهي آهي، جيڪو مخالفن جي پريشاني جو سبب بڻجي رهيو آهي، هڪ سوال تي هن چيو ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار نواز شريف جو خير خواهه نه آهي ۽ هو هڪ ناڪام گهرو وزير آهي، هڪ سوال تي هن چيو ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي تنهن هوندي به دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو، دادو ڪئنال جي جلد ريماڊلنگ ڪئي ويندي، جنهن سان پاڻي جي کوٽ ختم ٿي ويندي، هن چيو ته سوشل سيڪٽر، صحت ۽ تعليم اسان جي پهرين ترجيح آهي، هڪ سوال تي هن چيو ته وفاقي گهرو وزارت کي مدرسن جي لسٽ موڪلي هئي، جنهن جو مناسب جواب نه ملڻ تي کين ٻيهر خط لکيو آهي، هڪ سوال تي هن چيو ته نواز ليگ ۽ پي ٽي آئي جو اصل چهرو عوام سامهون اچي ويو آهي ۽ اهو ثابت ٿي ويو آهي ته پاڪستان جو مستقبل پاڪستان پيپلز پارٽي ئي آهي، پي ٽي آئي سنڌ ۾ آئي ۽ هلي به وئي ۽ ان جي سنڌ ۾ ڪابه حيثيت ناهي ڇاڪاڻ ته سنڌ جي عوام کين رد ڪري ڇڏيو آهي، هڪ سوال تي هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جا چار مطالبا جمهوريت جي بقا ۽ مضبوطي لاءِ آهن ۽ انهن مطالبن کي نه مڃڻ تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنجاب مان حڪومت مخالف تحريڪ جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي اڳواڻي ۾ پيپلز پارٽي ايندڙ چونڊن ۾ پنجاب سميت پوري ملڪ مان تاريخي ڪاميابي حاصل ڪندي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪالهه پنهنجي تڪ ۾ مصروف ڏينهن گذايو، هن ڪالهه پنهنجي ڳوٺ واهڙ، بوبڪ، ڳوٺ ننگر خان بروهي، ڳوٺ علي حسن شاهاڻي سميت مختلف ڳوٺن ۾ وڃي ماڻهن سان ملاقاتون ڪيون ۽ سندن چانهه پارٽين ۾ شرڪت ڪئي، سيد مراد علي شاهه پنهنجي ڳوٺ واهڙ ۾ عوام سان کليل ڪچهري جي موقعي تي رلي ملي ويو ۽ پاڻ ماڻهن کان درخواستون وصول ڪندو رهيو ۽ احڪمات جاري ڪندو رهيو. هن موقعي تي وڏي وزير سان اڳوڻو ايم پي اي سيد آصف علي شاهه، اڳوڻو تعلقه ناظم سيوهڻ سڪندر علي راهپوٽو، سيد محمد شاهه، محمد سليم باجاري، اڳوڻو چيف آفيسر محمد صالح راهپوٽو، مير لطف الله بروهي، امان الله شاهاڻي گڏ هئا. ٻئي طرف وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي رهائشگاهه واهڙ جو پراڻو ملازم محمد خان خشڪ دل جو دورو پوڻ ڪري فوت ٿي ويو، جنهن جي جنازي نماز ۾ پڻ وڏي وزير شرڪت ڪئي ۽ مرحوم جي عزيزن سان ڏک ونڊيو.  سنڌ جي وڏي وزير   ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ محرم خان نانگور ۾ ايم پي اي ڊاڪٽر عبدالستار راڄپر  جي فرزند سانول عبيد جي شادي ۾ پڻ شرڪت ڪئي دوران ميڊيا سان ڳالهيندي چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ جيڪا امداد پتافي ڳالهايو اهو نامناسب هيو  سنڌ اسيمبلي ۾ منهنجي کلڻ کي غلط رنگ نه ڏنو وڄي آئون هر وقت کلندو رهندو آهيان هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي ٻاهران هڪ ٻئي تي ڀوڇاڙڪرڻ وارا اڄ بلاول جي جدجهد کي ڏسن هن چيو ته اڳواڻي صدر  آصف زرداري  جي اليڪشن ۾ نه  واريون ڳالهيون رڳو  افواهه آهن آصف زرادري اليڪشن وڙهندو اهڙي افواهن ۾ ڪابه صداقت ناهي