آرمي چيف پاران پارا چنار جو دورو، زخمين جي عيادت، اي پي ايس جي تعمير جو اعلان، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پارا چنار پهتو، جتي زخمين جي عيادت ڪئي، قبائلي اڳواڻن سان پڻ ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪ فوج جي سپهه سالار فاٽا ۾ امن لاءِ عوام جي ڪردار جي ساراهه ڪئي،

ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته پاڪستان بنا فرق سڀني جو آهي، دهشتگردن جا مقصد پورا ٿيڻ نه ڏينداسين، دهشتگرد استحڪام ختم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندا، فوج ۽ ايف سي علائقي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ زبردست ڪم ڪيو آهي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ايجنسي ڪور هيڊ ڪوارٽر اسپتال ۽ سي ايم ايڇ پشاور ۾ علاج هيٺ زخمين جي عيادت ڪئي، ڪور ڪمانڊر پشاور به ان موقعي تي موجود هو، ڪور هيڊ ڪوارٽرز ۾ آرمي چيف کي امن امان بابت بريفنگ ڏني وئي.