شهدادڪوٽ ( ڊ   ر ) سنڌ يونائيٽڊ پارٽي پاران آدمشماري 2017 جي جاڳرتا مهم  جي سلسلي ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي،  ليبر هال ۾ رٿيل ڪانفرنس ۾ منصور جروار ، وهاب پندراڻي ، عرس سيلرو ، پير بخش ڀٽي ، حاڪم مستوئي ،

امير جان چانڊيو ، قادر بخش سيلرو ، ناهيد کهاوڙ ، حمل خشڪ ، شمن ابڙو ، واحد ڪالاڻي  سميت ٻين سياسي سماجي اڳواڻن خطاب ڪيو ، ان موقعي تي خطاب ڪندي مقررن چيو ته آدمشماري ڌرتي ۽ قوم جي بقا جو مسئلو آهي اڪثر ٻهراڙي جي علائقن جا ماڻهون آدمشماري بابت ڪابه ڄاڻ نه ٿا رکن مقررن جو چوڻ هو ته ڪاڇي جي علائقي ۾ هڪ ته ماڻهون آدمشماري معاملي کان اڻ ڄاڻ آهن ٻيو ته اتي آدمشماري عملو نه ٿو پهچي سگهي،  هنن چيو ته هي لاب  فصل ڪٽائي جي مند آهي،  جنهن ڪري اتان جا ماڻهون ٻنين تي نڪري وڃن ٿا ، سندن چوڻ هو ته اهڙن علائقن جا ماڻهون گهر ڀاتين جي نالن جو مڪمل تفصيل پاڻ وٽ ڪاڳر تي لکي ڇڏين ۽ ايندڙ عملي کان ساڳيا انگ اکر لکرائين،  مقررن چيو ته پ پ حڪومت آدمشماري جاڳرتا لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا،  هو صرف ڪرپٽ ماڻهن کي جيلن مان ڇڏرائڻ لاءِ سوچي پئي ۽ اسان جي وڏيرن کي به آدمشماري جي ڪا به ڳڻتي ڪونهي،  هنن چيو ته سنڌ ۽ سنڌي عوام جي تقدير صوبي وٽ نه پر وفاق جي هٿ آهي وفاق جي مرضي جيڪو فيصلو مڙهي ، هنن چيو ته سنڌ جي سڄاڻ ڌرين کي آدمشماري سميت ٻين مسئلن لاء بيدار ٿيڻو پوندو ته جيئن پنهنجا حق وٺي سگهئون  ڌرتي ۽ قوم کي  استحصالي قوتن کان بچايون ، سيمينار ۾   9 اپريل کان ضلعي جي مختلف علائقن ۾ آدمشماري جاڳرتا مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي