شهدادڪوٽ (ڊ ر) شهدادڪوٽ ۾ الخدمت فائونڊيشن پاران  صحت جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان (ڊپريشن بابت آگاهي) پروگرام منعقد منعقد ڪيو ويو ، 

الخدمت سينٽر ۾ رٿيل ڊپريشن آگاهي تقريب ۾ الخدمت فائونڊيشن جي ضلعي صدر ڊاڪٽر امتياز احمد شيخ ، صاحب خان چانڊيو ،صابر حسين مغيري ، نصيبان باريجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي ، ان موقعي تي ڊاڪٽر امتياز احمد شيخ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڊپريشن هڪ خطر ناڪ بيماري آهي ، ان کان بچڻ لاءِ هڪٻئي سان پيار ، محبت ۽ اخلاق سان پيش اچڻ گهرجي ، هڪٻئي جي عزت ڪرڻ سان ميٺ محبت وڌندي آهي  ۽ پريشانين کان ڇوٽڪارو حاصل ٿيندو آهي  ۽ انڪري   ماڻهونءَ کي خوشيون پلئه پونديون آهن  ، ان موقعي تي عورتن پڻ ڳالهائيندي چيو ته اڪثر عورتون گهرو پريشانين جو شڪار رهن ٿيون ، جنهن ڪري دل سميت ٻين موذي مرضن ۾ واڌارو اچي ٿو ، هنن چيو ته اهڙن اصلاحي پروگرام رٿڻ سان ماڻهن جي پريشانين ۾ گهٽتائي ايندي ۽ ماڻهن کي موذي مرضن کان نجات پڻ ملندي