ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪار ۽ فلمساز ياسر نواز بلوچ جي هدايت ۾ ٺهندڙ فلم ”مهر النساءِ وي لب يو“ جو پهريون ٽيزر رليز ڪري ڇڏيو آهي. فلم جي ٽيزر سان جيڪا ڪهاڻي سامهون آئي آهي ان ۾ خاندان جي جهڳڙي،.

رومانوي ڪهاڻي ۽ ولين سان وڙهڻ سڀ ڪجهه ڏيکاريو ويو آهي. جيستائين اداڪاري جي ڳالهه آهي ته فلم ۾ ثنا جاويد انتهائي خوبصورت انداز ۾ سامهون آئي آهي جڏهن ته تمام فنڪارن جا تاثر انتهائي متاثر ڪندڙ معلوم ٿيا پر ان کان وڌيڪ هن وقت ڪجهه نٿو چئي سگهجي. فلم جي اها ڳالهه اهم آهي ته پهريون ڀيرو پاڪستاني فلم جي شاعري اردو جو ناليوارو شاعر گلزار ڏئي رهيو آهي