شهدادڪوٽ (ڊ ر)  شهدادڪوٽ ۾ ريلوي انتظاميه پاران  ناجائز اڏاوتن  خلاف حيران ڪندڙ آپريشن ڪيو ويو آهي،  جنهن ۾ اڏوتن کي ڊاهڻ لاءِ هيوي مشينري بنا شهر جي حد کان ڏيڍ ڪلو ميٽرپري کان   آپريشن ڪري مسڪين بي پهچ ماڻهن جي اڏوتن خلاف آپريشن ڪيو ويو ،  سمورن قبضا گيرن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.

 وڏين عمارتن سميت ريلوي ٽريڪ ،ريلوي اسٽيشن سميت شهر ۾ ڪيل وڏي پئماني جي حد دخلين خلاف ڪنهن به قسم جي ڪاروائي نه ڪئي وئي،  ٿيندڙ آپريشن جي نگراني اي ئي اين ريلوي لاڙڪاڻو عمران افضل ڪري رهيو هو آڏاوتن خلاف ڪيل آپريشن دوران ڪنهن به مزاحمت يا اڻ وڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊي ايس پي ريلوي علي محمد ڏاهري جي اڳواڻي ۾ ريلوي پوليس سميت شهدادڪوٽ سب ڊويزن جي ٿاڻن جي به وڏي نفري ساڻن گڏ هئي،  آپريشن ۾ ٽيم سان گڏ اي سي شهدادڪوٽ غلام علي لغاري مختيارڪارشهدادڪوٽ گوهر زمان چانڊيو پڻ موجود هئا،  شهر جي قمبر روڊ حسيني چوڪ وٽ هڪ ٽريڪٽر جي مدد سان چند نئيُن ٺهندڙ گھرن سميت دڪانن خلاف ڪاروائي ڪري اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪيون ويون آپريشن دوران متاثرن پاران ريلوي انتظاميه آڏو احتجاج ڪيو ويو ته ڄاڻايل آپريشن بنا نوٽيس جي ڪري ريلوي حدن جي آڙ ۾ سندن کاتن واري حد ۾ ٿيل اڏاوتون ڊاهڻ زيادتي آهي پر متاثرن جوڪوبه داد فرياد ڪرڻ بدران  آپريشن جاري رکيو ويو،  ان موقعي تي اي ئي اين ريلوي لاڙڪاڻو عمران افضل ميڊيا پاران هيوي مشينري  بغير  شهري حدن کان ٻاهر ڪيل آپريشن بابت ڪيل سوال جي جواب ۾ چيو ته في الحال ننڍي پئماني تي شهري حدن کان ٻاهر آپريشن شروع ڪيوويوآهي ريلوي جي وفاقي وزير طرفان ريلوي حدن ۾ مڪمل طور آپريشن جو حڪم مليوآهي تنهن ڪري 30 جنوري تي ٻيهر هيوي مشينري جي مدد سان اثرائتوآپريشن ڪري ريلوي اسٽيشن ريلوي ٽريڪ سميت شهري حدن ۾  ٿيل حد دخلين جو مڪمل طور خارمو آڻبو  و سندس چوڻ هو ته بنا ڪنهن فرق جي  آپريشن ڪري