ڪرائسٽ چرچ(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ٻئي ون ڊي ۾ ڏکڻ آفريڪا کي ڊرامائي انداز ۾ هارائي سيريز برابر ڪري ڇڏي، ڪرائسٽ چرچ ۾ ٿيل ٻي ون ڊي ۾ ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي نيوزيلينڊ کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، ڪيويز پهرين کيڏندي مقرر اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 289 اسڪور ڪيو، روز ٽيلر شاندار بيٽنگ ڪندي سينچري ٺاهي،

روز ٽيلر 102، جمي نيشم 71 ۽ ڪين وليمسن 69 ٺاهي نمايان رهيا، پروٽيز طرفان پريٽيورس 2 شڪار ڪيا، جواب ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن تي 283 ٺاهي سگهي ۽ 6 رنسن تان شڪست کاڌي، ڪوئنٽن ڊيڪاڪ ۽ پريٽيورس ففٽيون ٺاهيون، ڪيويز طرفان ٽرينٽ بائولٽ 3 شڪار ڪيا، روز ٽيلر کي مين آف دي مئچ قرار ڏنو ويو.