سڊني (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا پنهنجي ڪاميابين جو سلسلو جاري رکندي سڊني اوپن ٽينس ٽورنامينٽ وومينز ڊبلز جي فائنل ۾ پهچي وئي آهي. .

ثانيا مرزا ۽ سندس ساٿي رانديگرياڻي جمهوريا چيڪ جي باربورا اسٽرائڪوا سيمي فائنل مقابلي ۾ آمريڪا جي وانيا ڪينگ ۽ روس جي يارو سيلاوا کي اسٽريٽ سيٽن ۾ 1-6 ۽ 2-6 تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو