پاناما ليڪس جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جي پيءُ کان پڇجي ٿو ته اهو  چوي ٿو ته ٻارن کان پڇو، ٻار چون ٿا ته ڏاڏي جائيداد ڏني، نيب چوي ٿو ته ريگيوليٽر جي اجازت گهرجي. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا پيو ٿئي نيب جي اپيل نه ڪرڻ تي فيصلو ڏنو ته نيب چيئرمين پنهنجي عهدي تي نه رهندو،  هي عجيب ڪيس آهي، جنهن ۾ ڪنهن اداري وٽ جاچ جو  جو اختيار ئي ناهي. 

سوال اهو آهي ته آخر جاچ ڪير ڪندو. ادارا ڪم ڪن ها ته ڪيس تي ايترو وقت نه لڳي ها. هي ٽيڪس چوري جو معاملو آهي. عوام ڄاڻڻ چاهي ٿو ته ڪنهن ڪيترو ٽيڪس ڏنو، نيب اپيل نه ڪري پنهنجو قانوني ڪم مڪمل اڻپورو ڇڏيو آهي .  اهو انساني حقن جو معاملو آهي. ڪالهه ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ايف بي آر جو چيئرمين ڊاڪٽر ارشد ۽ نئب چيئرمين قمر زمان چوڌري ۽ اٽارني جنرل پيش ٿيا. جسٽس آصف سعيد چيو ته آف شور ڪمپني ٺاهڻ غلط ڪم ناهي پر هنن ڪمپنين بابت ايف بي آر جو ڪهڙو ڪردار آهي. ڊاڪٽر ارشد چيو ته ٽيڪس بچائڻ لاءِ پاناما جنت آهي. پاڪستان ۽ پاناما وچ ۾ ٽيڪس معلومات جي مٽا سٽا جو ڪو ٺاهه ناهي. پرڏيهي وزارت وسيلي رابطن جي ڪوشش آهي. جسٽس عظمت سعيد چيو ته اهو رابطو ڪڏهن ٿيو ۽ آف شور ڪمپنين جي مالڪن کي ڪڏهن نوٽيس جاري ٿيا. ڊاڪٽر ارشد چيو ته رابطو آڪٽوبر ۾ ٿيو ۽ سيپٽمبر ۾ 443 ماڻهن کي نوٽيس جاري ٿيا. جسٽس عظمت چيو ته 2 سئو گز فاصلو ڇهن مهينن ۾ طئي ڪرڻ تي توهان کي مبارڪون هجن. ڊاڪٽر ارشد چيو ته آف شور ڪمپنين تي رڳو ڊائريڪٽرن جو نالو هجڻ ڪافي ناهي هوندو. 49 ڪمپنين جي ڊائريڪٽرن جو واسطو پاڪستان سان ناهي ۽ 52 ڄڻن ڪمپنين جي ملڪيت کان انڪار ڪيو آهي. جسٽس آصف چيو ته شريف فيملي نوٽيس جو ڪهڙو جواب ڏنو. ڊاڪٽر ارشد ٻڌايو ته حسن، حسين ۽ مريم نواز جواب ڏنو. مريم چيو ته منهنجي ملڪ کان ٻاهر ڪا ملڪيت ناهي ۽ آف شور ڪمپني جي مالڪ به ناهيان. هن ٽرسٽي هجڻ بابت ڪجهه نه ٻڌايو. سندن معلومات جي تصديق ڪري رهيا آهيون. جسٽس عظمت سعيد چيو ته 7 ڪلاڪن جي ڪم ۾ توهان هڪ سال لڳايو آهي. جسٽس گلزار احمد چيو ته لڳي ٿو توهان کي تصديق لاءِ 30 سال کپندا. جسٽس عظمت چيو ته ڪير ڪڏهن کان ملڪ کان ٻاهر آهي. اها خبر هڪ ڪلاڪ ۾ پئجي سگهي ٿي. ٻڌايو ٽريول هسٽري لاءِ ڪڏهن ۽ ڪهڙي اداري کي لکيو. ايف بي آر جي وڪيل چيو ته رڪارڊ موجود ناهي. جسٽس آصف چيو ته ڇا توهان کي جاچ اڳتي وڌائڻ لاءِ عدالت جي مداخلت کپي ٿي. ايف بي آر جي وڪيل چيو ته مڃون ٿا ته اداري تڪڙا قدم نه کنيا پر اهو به آهي ته ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ هو. جسٽس گلزار چيو ته ان جو مطلب ته ايف بي آر مني لانڊرنگ تي ڪجهه به ناهي ڪيو. ايف بي آر جي وڪيل چيو ته ان لاءِ ڌار قانون ۽ ادارا موجود آهن. جسٽس اعجاز افضل چيو ته جتي ڪارروائي ڪرڻي هوندي آهي اتي ايف بي آر فوري ڪارروائي ڪري ٿو توهان کي تڪڙا قدم کڻڻ کپن ها. جسٽس آصف چيو ته ڪو ادارو ڪم ڪري ها ته ڪيس عدالت ۾ نه اچي ها، جنهن بعد عدالت نئب چيئرمين کي روسٽرم تي سڏايو، جنهن چيو ته نيب ذميوارين کان باخبر آهي. سيپٽمبر ۾ معاملو پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ آيو. جسٽس آصف چيو ته اتي توهان جو موقف هو ته اسان جو اختيار ناهي. نئب چيئرمين چيو ته لاڳاپيل اداري کانپوءِ ئي اسان ڪارروائي ڪري سگهون ٿا. جسٽس اعجاز افضل چيو ته نيب آرڊيننس ۾ ڪنهن ريگيوليٽر جو ذڪر آهي، ريگيوليٽر ڪم ۾ رنڊڪ ڪيئن بڻجي ويو. جسٽس گلزار چيو ته ڇا نئب کي ڪو ريگيوليٽ ڪري ٿو. نئب چيئرمين چيو ته نبب کي ان جا قانون ريگيوليٽ ڪندا آهن. جسٽس آصف چيو ته نئب قانون چيئرمين کي ڪارروائي جو اختيار ڏئي ٿو، ريگيوليٽر جو لفظ آخر آيو ڪٿان. ڇا قطري خط ۾ به ريگيوليٽر آف پاڪستان جو ذڪر هو. آخرڪار پاڪستان ۾ ريگيوليٽر آهي ڪير. ڇا ريگيوليٽر اهو آهي جيڪو چيئرمين مقرر ڪري ٿو. اوگرا ۽ نيپرا جو ته ريگيوليٽر طور ٻڌو هو پر نئب جو ريگيوليٽر ڪير آهي. جسٽس گلزار چيو ته نيب جي ٽيم کي ٻڌي افسوس ٿيو. پراسيڪيوٽر جنرل صاحب هاڻ بس ڪريو، توهان مدد بدران عدالت کي گمراهه ڪرڻ شروع ڪيو آهي. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته آخرڪار جاچ جو اختيار ڪنهن وٽ آهي. نئب چيئرمين چيو ته نيب کي ڪو به ريگيوليٽ نه ٿو ڪري منهنجي مقرري شفاف ۽ قانون موجب آهي. جسٽس گلزار چيو ته عدالت کي ڪهاڻي نه ٻڌايو. جسٽس آصف چيو ته نيب چيئرمين کي ته مقرر ڪندڙ به نٿا هٽائي سگهن. الله توهان کي اهڙو عهدو ڏنو آهي جو توهان عوام جي خدمت ڪري سگهو. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته سال ٿي ويو آهي پر نئب ڪجهه ناهي ڪيو. جسٽس شيخ عظمت چيو ته آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ڪيس اچي ها ته نئب جاچ ڪري ها. پاناما ۾ نالا آيل کان پڇا ته ڪريو ها. ڪنهن هڪ ماڻهو کان پڇا ڪئي ته پئسا ڪٿان آيا. جسٽس کوسي چيو ته نيب لاءِ اهي اطلاع نوان نه هئا. هاءِ ڪورٽ حديبيه ريفرنس خارج ڪيو هو ته به مواد موجود هو. توهان بئنڪ اڪائونٽن ۽ ٽرانزيشن تي ڪهڙي ڪارروائي ڪئي. نيب چيئرمين چيو ته اسان ڪارروائي ضرور ڪنداسين. دير ٿي آهي پر اسان پنهنجو ڪم ضرور ڪنداسين. عدالت کي ڪارروائي جي خاطري ڪرايان ٿو. جسٽس عظمت چيو ته ڪهڙي ڪارروائي ڪندئو. جسٽس اعجاز افضل چيو ته ڇا توهان جي ڪم نه ڪرڻ جو سبب اهو شخص آهي جنهن توهان کي مقرر ڪيو. نيب غير سنجيده ڪيسن ۾ اپيل داخل ڪندو آهي ۽ وڪيل چوندا آهن ته اعليٰعملدارن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ اپيل ڪندا آهن. جسٽس آصف چيو ته هاءِ ڪورٽ هڪ ارب، 20 ڪروڙ رپين جو ريفرنس خارج ڪري ڇڏيو. ان فيصلي تي تبصرو ڪرڻ نٿا چاهيون. ڇاڪاڻ ته ريفري جج فيصلو ڏنو، جيڪو هن ڏانهن اماڻيو ئي نه ويو هو. سوال اهو آهي ته ريفري جج کي پنهنجي آبزرويشن ڏيڻ گهرجي ها. اٽارني جنرل اشتر اوصاف علي دليلن ۾ چيو ته درخواستن ۾ وزيراعظم جي نااهلي گهري وئي آهي ۽ نااهلي بابت عدالتي فيصلن جا مثال موجود آهن. عمران خان ۽ جهانگير ترين نااهلي لاءِ حنيف عباسي جي درخواستن کي پاناما ڪيس سان ناهي ڳنڍيو ويو. هي نرالو ڪيس آهي ۽ چونڊيل فورم ان کي ٻين ڪيسن مان نرالو بڻائي ٿو. درخواستون ڪووانٽو ۽ اليڪشن پٽيشن جي نوعيت جون آهن. اهڙيون درخواستون ٻڌڻ عدالت جو معمول ناهي ۽ اهو عدالت جو اختيار به نه آهي. ماضي ۾ اهڙيون درخواستون نه ٻڌيون ويون. عدالت جو جوڙيل قانون سڀني پارليامينٽ ميمبرن تي لاڳو ٿيندو. جسٽس اعجاز افضل چيو ته عدالت شق 184 تحت عوامي مفاد جون درخواستون ٻڌي سگهي ٿي. قانوني مثال ڏيو ته عدالت اهو اختيار استعمال نه ڪيو هجي. اٽارني جنرل چيو ته عدالت ان جو آواز بڻجي ٿي جيڪي پاڻ پنهنجو آواز نٿا اٿاري سگهن. اهو اختيار رڳو بنيادي حقن جي معاملن ۾ استعمال ڪيو ويو. جسٽس عظمت سعيد چيو ته درخواستون ٻڌڻ لائق هجڻ جو فيصلو ڪري چڪا آهيون. سٺا جج پنهنجي اختيارن تي ڪڏهن به پابندي ناهن لڳائيندا. جسٽس گلزار چيو ته عدالت جو دائرو محدود ناهي هوندو. اٽارني جنرل چيو ته دائرو قانون موجب ئي استعمال ٿيندو آهي. جسٽس اعجاز افضل چيوته ڏسڻو پوندو ته عدالت وٽ ڪهڙو رڪارڊ دستياب آهي ۽ ڪهڙا بنيادي حق متاثر ٿيا. ڇا عدالت ڪنهن کان ٻڌڻ کان انڪار ڪيو. اٽارني جنرل چيو ته ڌرين جو متفق هجڻ به عدالت کي اختيار نه ٿو ڏئي ۽ شفاف ٽرائل به ڏسڻو آهي. ڳالهه ڪيس ٻڌڻ جي نه فيصلي جي آهي. جسٽس شيخ عظمت چيو ته ڇا ڪوڙ ڳالهائڻ تي ڪنهن کي نااهل ڪري سگهون ٿا. اهو ڪهڙو هوندو جنهن زال سان ڪوڙ نه ڳالهايو هجي. زال فون ڪري ته مڙس چوندو آهي ته رستي ۾ آهيان. جڏهن ته هو آفيس ۾ ڪم پيو ڪندو آهي. هتي موجود هڪڙي شخص ڪوڙ نه ڳالهايو هوندو جنهن جي شادي ٿيل ناهي. جنهن تي عدالت ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. جسٽس اعجاز افضل چيو ته هي ٽيڪس چوري جو معاملو آهي. نيب اپيل نه ڪري پنهنجو ڪم پورو نه ڪيو. اٽارني جنرل چيو ته سوال اهو آهي ته اپيل نه ڪرڻ تي درخواست گذار هيستائين ڇا ڪري رهيا هئا. اهو صحيح آهي ته غفلت ڪري نئب عوام جا بنيادي حق متاثر ڪيا. جسٽس آصف سعيد چيو ته ڇا عدالت کي حديبيه پيپرز مل ڪيس ۾ مداخلت نه ڪرڻ کپي. سوا ارب جي ڪرپشن بنا حساب جي وڃڻ ڏيون. اٽارني جنرل چيو ته ان جو جواب مون لاءِ سولو ناهي. جسٽس اعجاز الاحسن چيوته ڇا توهان چئو ٿا ته حديبيه پيپر مل کي ٻيهر کولرائي سگهي. اٽارني جنرل چيو ته منهنجي راءِ ۾ عدالت ڪيس ٻيهر نٿي کولرائي سگهي. جيڪڏهن اهڙو ڪو فيصلو آيو ته اهو خراب مثال هوندو. جسٽس آصف چيو ته آئينده ايئن نه ٿئي. ان حوالي سان به ڪي اصول جوڙڻ گهرجن. هن ڪيس جي ٻڌڻي جا ڏور رس نتيجا نڪرندا. عدالت نئب جي اپيل نه ڪرڻ تي فيصلو ڏنو ته نئب چيئرمين عهدي تي نه رهندو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ اربعا تائين ملتوي ڪندي هدايت ڪئي ته رڳو سوال جي جو جواب جو موقعو ڏنو ويندو. وڌيڪ دستاويز وصول نه ڪيا ويندا. جڏهن ته اٽارني جنرل کي پڻ اڄ ئي دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. ايندڙ هفتي تائين عدالتي فيصلو اچي ويندو .