شڪارپور (رپورٽر) پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسو سيئشين جو هنگامي اجلاس  آر بي يو ٽي سول اسپتال شڪارپور ۾ ٿي گذريو ، اجلاس ۾ سنڌ اندر اسپتالن جي نجڪاري خلاف اهم فصيلو ڪيو ويو ،جتي اڳواڻ چيو ته اگر سنڌ حڪومت صحت کاتي نجڪاري حوالي ڪيو ته اسان پاڻ ساڙڻ جو اعلان، ان ڪنهن کي ڪجهه ٿيو ته ان جي  ذميواري سنڌ حڪومت هوندي مرڪزي صدر نياز ڀٽو

، تفصيل موجب ؛ شڪارپور ۾ پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسو سيئشين جو هنگامي اجلاس  آر بي يو ٽي سول اسپتال شڪارپور ۾ مرڪزي صدر نياز ڀٽو ،جرنل سيڪريٽري محمد شريف پالاري ،شاهجان خٽڪ ،غلام مرتضي ،شاهي خان جاگيراڻي ،محمود چانڊيو  مرڪزي ڪوآڊينٽر عبدالرحمان شر جي صدارت هيٺ ٿيو ،اجلاس ۾ پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسو سيئشين جو اجلاس ٿي گذريو اجلاس کي خطاب ڪندي مرڪزي صدر نياز احمد ڀٽو، نياز ڀٽو ،جرنل سيڪريٽري محمد شريف پالاري ،شاهجان خٽڪ ،غلام مرتضي ،شاهي خان جاگيراڻي ،محمود چانڊيو  مرڪزي ڪوآڊينٽر عبدالرحمان شر  ٻين ضلعي جي عهديدارن خطاب ڪندي چيو ته پنجاب ،سرحد ،بلوچستان جي صوبن ۾ نجڪاري جو ڪم بند آهي ،سنڌ اندر غريب ماڻهن سان ناجائزيون ڇو پيون ڪيون وڃن ، هن چيو ته سنڌ ۾ چند ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ هي سنڌ جون اسپتالن کي اين جي اوز حوالي ڪيو وڃي ٿو ته جيئن هنن جا پيٽ ڀرتي سگهن اين جي اوز ۾ بجيٽ ڊبل ڪري ڪرپشن نئون دروازو کوليو وڃي ٿو ،اين جي اوز وارن جي ڪا آڊيٽ ڪانه ٿيندي آهي هو دل کولي ڪرپشن ڪري سگهن ٿا ، شڪارپور جي تاريخي سول اسپتال راءِ بهادر اوڌو داس جي نالي سان سنڌ توڙي  پوري ايشيا ۾ مشهور آهي ،اسان هن اسپتال کي ڪنهن به صورت ۾ نجڪاري حوالي نه ٿيڻ ڏينداسي ، سنڌ حڪومت جي اهڙي ڪڌو عمل بند ڪري ، ٻئي صورت ۾ اسين پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسو سيئيشن جا ملازم پاڻ ساڙيندا سي ان جي جان مال کي ڪجه به ٿيو ته ان جي ذميوار سنڌ حڪومت هوندي ، هنن چيو ته سنڌ جي صحت کاتي ۾ اربين روپين  جي ڪرپشن جي نئي گيم تيار ڪئي وئي آهي ،هنن چيو ته سنڌ جي مختلف سياسي ،سماجي ،قوم پرستن  تنظيمن کي پرور اپيل ڪئي آهي ته سنڌ جو اسپتالون نام نهاد اين جي اوز کي وڪرو ڪيو پيون وڃن ،پنهنجا حصا پتي رکي پنهنجا ڪاري ناڻي جا پئسا ٻاهرين ملڪ منتقل ڪرڻ جو نئون طريقو ڳولي ورتو آهي ، جيڪو غريب عوام جي رس پئسو آهي اسان ساٿ ڏين ، اڳواڻن چيو ته 1996 کان وٺي ڊاڪٽرن پيراميڊيڪل اسٽاف ،نرسن ،وارڊ بوائي ،ڊسپنسر ۽ ٻين ۾ 50 هزار جايون خالي آهن انهن جلد ڀرتي ڪئي وڃي ته جيئن سنڌ جي اسپتالن ۾ غريب عوام فائدو حاصل ڪري سگهي ،   اسان چيف جسٽس آف پاڪستان ، وزير اعظم ميان محمد نواز شريف ،آرمي چيف آف پاڪستان ثاقب نثار  کان مطالبو ڪيو ٿا ته هو ازخود نوٽيس وٺي ڪرپشن جي باشاه کي جيل حوالي ڪن ته جيئن سنڌ جو صحت کاتو بچي سگهي ۽ غريب ۽ اٻوج  ماڻهن کي انصاف ملي سگهي،