جديد فلاحي رياست جي تصور ۾ رياست جي فرضن ۾ پوڙهائپ، معذوري، بيماري يا غربت جي صورت ۾ شهرين کي مالي امداد ۽ بيروزگاري الائونس مهيا ڪيا ويندا آهن پر پاڪستان مالي وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ سبب ائين نٿو ڪري سگهي، جنهن سبب ملڪ ۾ غربت جو تعداد وڌي رهيو آهي.

مزدور سڄو ڏينهن ٻين جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪري ٿو پر سندس ضرورتون ڪير به پوريون نه ٿو ڪري ، چوندا آھن ته پورھيت جو پگهر سڪڻ کان پھريان اُن محنت جو ثمر کيس ملڻ کپي ، پر ھتي ان جو اُلٽ آھي پورھيت جو پگهر سڪڻ کان پهرين به جيڪڏهن ان کي ثمر ملي ٿو ته به ايترو جو اھو پگهر سڪڻ کان پھريان ئي ختم ٿي وڃي ٿو۔سڄي ڏينهن جي سخت محنت کان پوءِ جيڪا اُجرت سندس نصيب ۾ آھي ، اھا اڄ جي مهانگائيءَ جي دور ۾ شايد اڌ جي برابر به نه آھي۔ مهانگائي جيتري قدر وڌي آھي ، اُن جي مطابق مزدور جي اُجرت اڌ تائين وڌائي وڃي ٿي، جنهن جو نتيجو پورھيت طبقو ھيٺ کان ھيٺ سطح واري زندگي گهاري رھيو آھي۔ ان کي سھولتون ميسر نه آھن جيڪي ھڪ محنت ڪش فرد جي حيثيت سان کيس ملڻ گهرجن۔مزدورن جا به حق آھن انهن کي اھي سھولتون ڏنيون وڃن جيڪي سندن حق آھن۔سڀ کان پھرين انهن جي صحت جي حوالي سان " فري ھيلٿ فئيسلٽي " مھيا ڪئي وڃي جيڪا سڀ کان اھم آھي، ۽ خاص ڪري مزدورن لاءِ ڇو جو ھو فيڪٽرين، ملن ۾ جڏهن سڄو ڏينهن ڪم ۾ مصروف آھن اتي دونهون ۽ تيزابي ماحول ۾ سندن صحت تي وڌيڪ اثر ٿئي ٿو، پر افسوس اسان وٽ انهن کي محنت جي اُجرت ئي وڏي مشڪل سان ملي ٿي اتي ٻيون سھولتون ڪيڏانهن ملنديون مزدورن جو ڏھاڙو ملھائڻ سان ڪنهن مزدور کي فائدو نه ٿيندو بلڪه مزدورن جو ڏينهن به امير ئي پيا ملھائن، گهرن ۾ ويھي بيان بازي ڪري، مزدورن جي حق لاءِ ٻه ٽي نُڪتا پيش ڪري ، ھڪ ٻه سيمينار ڪوٺائي خوش ٿي ويھي رهن ٿا۔ ڄڻ ته ڪو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏيئي ڇڏين، مزدور ته اُهي ئي آھن جيڪي اميرن جي گهرن جون سِرون ڍوئڻ ۾ پورا آھن، کين خبر ئي ناھي ته اڄ ڪو اسان جو ڏينهن به آھي۔جيڪر ھو به پنهنجو ڏينهن ملھائڻ لاءِ گهر ۾ ويھي رھندا ته سندن گهر جو چلھو ڪيئن ٻرندو، اهو به ته کين ئي سوچڻو آھي اميرن کي نه جيڪي ھڪ موڪل ملڻ جي خوشي ۾ ڪٿي سير سپاٽن ۾ مصروف ھوندا آھن۔ جيڪڏهن مزدورن جو ھڪ ڏينهن ملھائڻو ئي آهي ته سندن حقن جي ڳالھهڪرڻ گهرجي ۽ صرف ڳالھيون نه بلڪه انهن ڳالھين تي عمل به ٿيڻ گهرجي جو ھو آرام سان پنهنجي زندگيءَ جي ضرورتن جو خرچ پورو ڪري سگهن

پورهيتن جو عالمي نعرو هڻندڙن کي اها ڳالههذهن نشين ڪرائجي ٿي ته انهيءَ ترقي يافته دنيا جي مزدور يا آزاد قومن جي مزدورن جي ڀيٽ مظلوم قومن جي پورهيت سان نه ٿي ڪري سگھجي ڇو جو حاڪم قوم جو پورهيت ٻين مظلوم قومن جي پورهيتن جي ڀيٽ ۾ اڪثريتي طور تي بهتر پوزيشن ۾ ئي نظر اچي ٿو پرمظلوم ۽ محڪوم قومن جي پورهيت طبقي کي مورڳو ئي حياتياتي عمل کان ڪٽيو وڃي ٿو يعني کيس بيروز گار ڪري موت جي واديءَ طرف ڌڪيو وڃي ٿو. قومي سرمائيدار کان غير قومي حاڪم قوم جي سرمائيدار پاران قومي مارڪيٽ کسي وڃي ٿي جنهن ڪري جديد قومي غلامي جنم وٺي ٿي جڏهنته جديد صنعتي دور جي پيداواري اوزارن اچڻ ڪري پراڻي جاگيرداراڻي دور جا دستڪار به بي دخل ٿي وڃن ٿا جيئن ٽريڪٽر جي اچڻ سان گھوٻن ڏاٽن ڪوڏارين جي ضرورت نه ٿي رهي تنهنڪري لوهر بيروز گار ٿي ويا ساڳي طرح هرن جي جڳههتي ڪيڻ ۽ بيل گاڏين ، گڏه گاڏن ۽ ٽانگن جي جڳههتي ويگنن ڊاٽسنن ٽرالين ۽ بين جديد بار بردارين جي ذريعن اچڻ ڪري ڊکڻن جا ڪارو بار ختم ٿي ويا ٺڪر جي ٿانون جي جڳهه تي اسٽيل جا ٿانو اچڻ ڪري ۽ مٽن ۽ گندڙن جي جاءِ تي اسٽيل جي ڪراڪري اچڻ سان ڪنڀرن جا ڪارو بار ختم ٿي ويا ٽيڪسٽائيل انڊسٽري اچڻ ڪري ڪوري آڏاڻن تان فارغ ٿي ويا اهڙيءَ طرح هر قسم جي دستڪار کي صنعتي دنيا بيدخل ڪري ڇڏي ٿي ڇو جو دستڪاري صنعتي دور جي جنسن جي معيار ۽ سستائپ سان مقابلو نه ڪري سگھندي آهي تنهڪري اها آهستي آهستي ۽ آخر ڪار تيز رفتاريءَ سان ختم ٿيڻ لڳندي آهي ۽ ان جي جاءِجديد صنعتي دنيا وٺندي آهي اهو ترقيءَ جو عمل ڪا خراب شيءِ ڪانهي پر جڏهن ڪنهن قوم جي قومي منڊيءَ تي غير قومي سر مائيدار قبضو ڪندو آهي تڏهن اهو اتي پنهنجي فاضل آباديءَ کي آباد ڪندو ويندو آهي جنهڪري مظلوم قوم جو مزدور پنهنجي ئي وطن ۾ نه صرف ٻئين درجي جو شهري بڻجي ويندو آهي اهڙي طرح معاشري ۾ بيروز گاريءَ جي سيلاب جي ڪري ماڻهون نه صرف طرح طرح جي ذهني ۽ جسماني مرضن ۾ وڪوڙجي ويندا آهن.

دنيا جا ڪيترائي ملڪ انساني جانين جي زيان ۽ انسانن جي اسمگلنگ جي ڪاروبار ۾ مشهور رهيا آهن. انهن سرمائيدار ملڪن ۾ خريد ڪيل غلامن کان جسماني پورهيو ڪرائڻ کانسواءِ انهن کي پاڻ ۾ جانورن وانگر ويڙهائي بادشاهه ۽ سرمائيدار لطف اندوز ٿيندا هئا. انسانيت جي علمبرداري ۽ روشن خيالي جون هامون هڻندڙ آمريڪا ۾ اوڻويهين صدي جي شروعات ۾ جڏهن غريب ملڪن مان اسمگلنگ ٿيل لکين مزدور گڏ ٿيڻ شروع ٿيا ته اتي سرمائيدارن جي ڪاروبار کي سهارو ملڻ لڳو هو. ان وقت سرمائيدارن پاران مزدورن تي ظلمن جا پهاڙ ڪيرائيندي مسلسل پورهيو ڪرائي کين صرف زنده رهڻ جيترو اجورو به نه ڏنو ويندو هو، ۽ سرمائيدارن پاران مزدوري جو ڪو به اگهه مقرر ٿيل نه هو. سرمائيدارن جي ستم خلاف آهستي آهستي مزدور متحد ٿيڻ لڳا هئا، ۽ انهن پورهيتن سرمائيدارن جي ظلم خلاف بغاوت جي شروعات ڪري ڇڏي هئي. جنهن بعد مزدورن کان 24 ڪلاڪن بجاءِ 18 ڪلاڪ پورهيو ڪرايو ويندو هو. 1827ع ۾ مزدورن جي پهرين يونين آمريڪا جي شهر فلڊيلفيا ۾ٺهي. ان پليٽ فارم تان مزدورن جي حقن جي حاصلات لاءِ شاندار جدوجهد هلائي ويئي، ۽ مزدورن جو مطالبو هو ته انهن کان 10 ڪلاڪ ڪم ڪرايو وڃي ۽ مزدوري پڻ مناسب ڏني وڃي. ان کانپوءِ 1834ع ۾ نيويارڪ ۾ هڪ بسڪيٽ ٺاهيندڙ ڪمپني جي پورهيتن مطالبن جي مڃتا لاءِ هڙتال ڪئي. انهن مزدورن سان سرمائيدار مالڪن پاران غير انساني سلوڪ ڪندي 18 ڪلاڪ ڪم ورتو ويندو هو. بعد ۾آمريڪي حڪومت سرڪاري توڙي نجي ملازمن جي ڪم جو وقت 10 ڪلاڪ مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو. آمريڪا ۾ سرمائيدار واپارين جي ظلمن خلاف پورهيتن جي جدوجهد ڏسي برطانيه جي ساڍا ٽي لک مزدورن به بغاوت جو اعلان ڪندي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ پرامن جدوجهد جي شروعات ڪئي. ٻئي طرف شڪاگو جا مزدور به اتحاد طرف وڌي رهيا هئا. انهن به سرمائيدارن کان پرزور مطالبو ڪيو ته، انهن کان 8 ڪلاڪ ڪم ورتو وڃي، ۽ جيڪڏهن 8 ڪلاڪ کان وڌيڪ ڪم ورتو ويو ته ان جو اجورو به ”اور ٽائيم“ جي صورت ۾ ڏنو وڃي. آمريڪي سرڪار مزدورن جو هڪ به جائز مطالبو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿي. آمريڪي سرڪار جي اهڙي روش خلاف شڪاگو جي مزدورن پهرين مئي 1886ع تي مطالبن جي مڃتا لاءِ پرامن احتجاج جو اعلان ڪري ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. احتجاج جي شروعات اسٽار ڪمپني جي مزدورن بک هڙتال سان ڪئي. ساڳي ڏينهن ملڪ جا 80 هزار مزدور به بک هڙتال تي ويٺل هئا. ان کانپوءِ مسلسل احتجاجي تحريڪ جو سلسلو جاري رهيو. سرمائيدار طبقو مزدورن جي تحريڪ کان تمام گهڻو ڊنل هو. پهرين مئي کان پوءِ مسلسل ڇهه ڏينهن تائين ملڪ جي سمورن ڪارخانن جي مزدورن پنهنجو احتجاج جاري رکيو. آمريڪي سرڪار پورهيتن جي جدوجهد کي ختم ڪرڻ لاءِ سمورا حربا استعمال ڪيا، پر پورهيتن جي ٻڌي ۽ اتحاد تمام گهڻو مضبوط هو ۽ انهن جي دلين ۾ آمريڪي سامراج خلاف سخت نفرت هئي. آمريڪي سرڪار طرفان مزدورن کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ 3 مئي تي مزدورن جي جلسي ۾ بم ڌماڪو ڪرايو ويو، ۽ آمريڪي پوليس پاران شڪاگو جي پورهيتن تي سڌيون گوليون وسايون ويون، جنهن جي نتيجي ۾ تمام گهڻا مزدور شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي پورهيت ٿاڻن ۾ واڙيا ويا. مزدور اڳواڻ ايڊلف فشر، جارج اينجل، البرٽ باستر، آگسٽ اسپاتر کي سري عام ڦاهيون ڏنيون ويون. انڌا ڌند فائرنگ ۾ شهيد ٿيل مزدور جي رت ۾ ڳاڙهي ٿيل قميص کي جڏهن هڪ زخمي مزدور هوا ۾ لهرايو ته اهو رت ۾ ڳاڙهو ٿيل ڪپڙو اڄ ڏينهن تائين سڄي دنيا جي پورهيتن جو ڳاڙهو جهنڊو بڻجي ويو. مزدورن بابت استاد ڪارل مارڪس چيو ته، ”دنيا جا پورهيتو هڪ ٿي وڃو، اوهان وٽ وڃائڻ لاءِ فقط زنجيرون آهن ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ سڄي دنيا آهي.“ شڪاگو جي پورهيتن جي ان لا زوال قرباني کانپوءِ انهن شهيد پورهيتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ 1890ع کان سڄي دنيا ۾ ”يومِ مئي“ ملهائي شڪاگو جي شهيدن کي سرخ سلام پيش ڪيو ويندو آهي.