پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريار خان، عمران خان ۽ جاويد ميانداد بابت پنهنجي بيان جي وضاحت ڪندي چيو آهي ته سندس بيان کي ميڊيا ۾ وڌائي چڙهائي پيش ڪيو ويو..

پنهنجي هڪ بيان ۾  پي سي بي چيئرمين جو چوڻ هو مصباح الحق انگن اکرن موجب پاڪستان جو سڀ کان ڪامياب ڪپتان آهي. هن چيو ته عمران خان پاڪستان ڪرڪيٽ جي متاثر ڪندڙ شخصيت ۽ هيرو آهي، جڏهن ته جاويد ميان داد پاڪستان جي عظيم رانديگرن مان هڪ آهي. هن چيو ته ضروري ناهي ته عظيم رانديگر سٺو ڪوچ به ثابت ٿئي. واضح رهي ته پي سي بي چيئرمين گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي اڳيان چيو هو ته مصباح الحق عمران خان کان وڏو ڪپتان آهي، جڏهن ته جاويد ميانداد وڏو رانديگر آهي