گريٽر نوئيڊا (اسپورٽس نيوز) افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جي جارحاڻي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد شهزاد جو ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي جو سلسلو جاري آهي، جنهن آئرلينڊ خلاف ٽين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 72 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي مختصر فارميٽ ۾ ڀارتي اسٽار بيٽسمين ورات ڪوهلي کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي

، جنهن سان گڏوگڏ هو ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽسمينن جي فهرست ۾ چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي. گريٽر نوئيڊا ۾ کيڏيل ميچ دوران افغان اوپنر محمد شهزاد 43 بالن تي 72 رنسن جي طوفاني اننگ کيڏي، جنهن ۾ 5 ڇڪا ۽ 6 چوڪا شامل هئا. هو هيل تائين 58 ميچن ۾ 1779 رنسون ٺاهي چڪو آهي، ورات ڪوهلي ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ هيل تائين 1709 رنسون ٺاهيون آهن.