باڊهه (رپورٽ: عبدالمجيد جھتيال) باڊهه شهر جي 3 ڏينهن کان بجلي بند هئڻ توڙي سيپڪو عملدار پاران شهر جي واپارين ۽ شهرين کي زبردستي کنڀڻ واري واقعي خلاف باڊهه ۾ شهرين پاران مڪمل شٽر بند هڙتال ڪري مير اعظم ڪانڌڙو، لالا بشير پٺاڻ، لالا رشيد پٺاڻ، گلزار گل گوپانگ، 

علي شير ساريو، نور محمد بليدي، دودو ديشي، اصغر نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد ڌرڻو هنيو. جنهن سبب ڪيترائي ڪلاڪ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي، جڏهن ته ڌرڻي ۾ ٽائون ڪاميٽي باڊهه جي چيئرمين محمد خان چنه، وائيس چيئرمين فدا حسين ڦلپوٽو، ڪائونسلر حاجي امداد حسين سيال سميت سياسي، سماجي، ادبي، مذهبي ۽ واپاري تنظيمن جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، احتجاج ڪندڙن سيپڪو جي ڏاڍائن خلاف سخت نعريبازي ڪئي جڏهن ته ڌرڻي کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته باڊهه واسين سان سيپڪو وارن جون ڏاڍايون تمام گھڻيون وڌي ويون آهن گذريل 3 ڏينهن کان باڊهه شهر جي بجلي بلاجواز بند ڪئي وئي آهي ۽ شهرين ڏانهن ڳرا بل موڪلي کين پريشان ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته 2 ڏينهن اڳ ايس اي سيپڪو باڊهه پهچي بجلي جي بقايا ڄاڻائي شهر جي واپارين ۽ دڪاندارن کي پنهنجي پرائيويٽ محافظن هٿان کنڀي گاڏي ۾ ويهاري مٿن تشدد پڻ ڪيو ويو جن کي شهرين مزاحمت ڪري ڇڏايو. هنن وڌيڪ چيو ته ڪجھ ماڻهن جي باقيدار هجڻ ڪري ڏيڍ لک آبادي واري باڊهه شهر جي بجلي بند ڪري شهرين سان ناانصافي ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ بجلي تي هلندڙ سارين جا ڪارخانا، اٽا چڪيون، آرا مشينون ۽ بجلي تي هلندڙ سمورو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي جنهن سبب هزارين پورهيت بيروزگار بڻجي ويا آهن، جڏهن ته گھريلو زندگي پڻ سخت متاثر ٿي آهي، هنن سيپڪو جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته باڊهه واسين سان سيپڪو وارن جون ڏاڍايون ۽ ناانصافيون ختم ڪرائي بند پيل بجلي بحال ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو رخ تبديل ڪيو ويندو.