شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور ڀرسان ڏوهارين ۽ پوليس هٿان 2 ڄڻا اغوا،وارثن کان هڪ ڀنگ طلب ، نه ڏيڻ تي صورت ۾ فل فرائي ڪرڻ جي پوليس ۽ ڌاڙيلن ڌمڪي ڏئي ڇڏي ، وارثن جو پاٿاري دار ايس ايس پي سکر هٽايو عوام بچايو احتجاجي ريلي ڌرڻو ، اعلي اختيارين نوٽيس وٺي اسان اغوا ٿيل مغوي بازياب ڪرائي اڳواڻ امان الله کوسو ؛

تفصيل موجب ؛شڪارپور ڀرسان سکر ٿاڻي تماچاڻي ٿاڻي جي حد مان هڪ ميهنو اڳ ڌاڙيلن ياسين ميراڻي عرف نويد ميراڻي ،عبدالله ميراڻي ، عبدالحفيظ ميراڻي ،امان الله ميراڻي ،طارق ميراڻي ،موجو علي ميراڻي وارا غلام مرتضي کوسو اغوا ڪري پاڻ سان گڏ کڻي ويا آهن جڏهن ٻئي نوجوان غلام مجتبا کوسو کي سکر سي آءِ اي انچارج ايس ايس پي سکر امجد علي شيخ جي چوڻ تي اغوا ڪري ويو آهي وارثن امان کوسو ،حماد الله کوسو ۽ پنهنجي علائقي واسين گل خان پٺاڻ ،شمن لغاري ڪيسر لغاري ،عبدالرحمان ،محمد اسماعيل ،غلام محمد ،محمد عمر ۽ حاجي عبدالڪريم جوڻيجو سان گڏجي احتجاج ڪندي چيو آهي ته پوليس اسان کي چوي ٿي ته هڪ ڪروڙ روپيا ڏوهارين کي ڏيو نه ته ڌاڙيل ۽ اسان توهان جي اغوا ٿيل ٻنهي نوجوانن کا فل فرائي ڪري ڇڏينداسي ،هنن وڌيڪ چيو ته سکر جو ايس ايس پي امجد شيخ هاڻي ڌاڙيلن سان گڏ پاٿاريدار ٿي چڪو آهي جيڪو سکر جي چونڊيل نمائندن ناصر شاه ۽ اسلام الدين شيخ جي چوڻ تي هلي ٿو ،اگر اسان جي نوجوانن غلام مرتضي کوسو ۽ غلام مجتبا کوسو کي ڪجه به ٿيو ته ان جو ڪيس سکر جي ايس ايس پي امجد شيخ ۽ چونڊيل نمائندن ناصر شاه ۽ اسلام الدين شيخ مٿان داخل وڃي ، هنن وڌيڪ چيو ته صدر پاڪستان ممنون حسين  ،وزيراعظم ميان محمد نواز شريف  چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار  ،آرمي چيف قمر جاويد باجوا ، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ، سيد سجاد علي شاه ،ڊي جي رينجرز ۽ ٻين اعلي اختيارين جلد نوٽيس وٺي اسان جا اغوا ٿيل مغوين کي بازياب ڪرائن ۽ ملوث ايس ايس پي سکر ۽ ڌاڙيِلن خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آهي ،