اسانجي معاشري اندر عورت کي هڪ اهڙي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو جنهن اندر عورت کي صرف ۽ صرف غلام طور استعمال ڪيو ويو ٿو،خاص طور تي سنڌ جي ٻهراڙين وارن علائقن اندر جتي عورت کي شادي کان پوءِ هڪ غلام ۽ نوڪر واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي،گهر

 

جي ڪم ڪارن کان ويندي ٻني جي سموري ڪمن ڪارن اندر مرد سان گڏ عورت برابر جي شريڪ نظر ايندي آهي،ڪٿي ڪٿي ائين به هوندو آهي ته عورت شادي کانپوءِ ايترو ته تنگ ٿي ويندي آهي ۽ تنگي واري زندگي گذارڻ بدران پنهنجو پاڻ کي خدڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي آهي ۽ پوءِ هوُ هن تنگ نظري واري معاشري مان  پاڻ کي آزاد ڪرائي ابدي ننڊ سمهاري ڇڏيندي آهي،اهو  هڪ سوال آهي ته اسانجي معاشري اندر عورت کي اهڙي نگاهه سان ڇو ڏٺو ويندو آهي،جيڪڏهن ڪا نِياڻي تعليم پرائڻ لاءِ جهدوجهد ڪندي آهي ته کيس هڪ غلط نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي نه رڳو انهي نِياڻي کي هڪ بري نظر سان ڏٺو ويندو آهي پر سندس والدين کي انتهاپسندي سوچ رکڻ وارن ماڻهن جو عجيب ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ ملنديون آهن ۽ اڪثر ٻهراڙين جي علائقن جا والدين اهڙي ڳالهين کان تنگ اچي ڪري پنهنجي نياڻين جي تعليم جي بند ڪرائي ڇڏيندا آهن،جيڪو منهنجي نظر ۾ هڪ غلط ۽ همت هارڻ وارو فيصلو هوندو آهي،ڇو ته همت ئي اها ڪڙي هوندي آهي جيڪا معاشري اندر عورت کي پنهنجو مقام ٺاهڻ ۾ هڪ وڏو ۽ اهم ڪردار ادا ڪرڻ ۾ وڏو ساٿ ڏيندي آهي،پر جيڪڏهن انهي انتهاپسندي نظري واري سوچ جي ڪري نياڻين جي تعليم ۽ انهن جي سماجي ٿوري فلائي سرگرمين تي پابنديون وجهبون ته مان سمجهان ٿو ته اهو انهي عورت کي مارڻ جي برابر ئي آهي،ڇو ته سنڌ اها سرزمين آهي جتي عورت سان وڏا ويڌن ڪيا پيا وڃن،جڏهن عورت هن ڏاڍ جبر واري معاشري اندر پنهنجا حق گهرڻ لاءِ آواز اٿاريندي آهي ته کيس معاشري جون ٻيون تڪليفون ته ڏسڻيون پونديون آهن پر ايتري تائين جو کيس ڪاري ڪري ماريو به ويندو آهي،ڇو ته اسانجي معاشري اندر اڄ ڪالهه اهو رواج بنجي ويو آهي،اهڙي معاشري اندر تلهار جي رهواسي ادي فرزانه جتوئي به هڪ آهي،جنهن پنهنجي محنت ۽ جذبي همت سان تلهار جي حقن لاءِ نه رڳو آواز اٿاريون آهي پر تلهار شهر جا جائز مسئلا حل به ڪرايا آهن،ادي فرزانه جتوئي ٻڌائي ٿي ته جڏهن سموري ضلعي بدين اندر گئس شروع ٿي چڪو هوُ ۽ صرف ۽ صرف تلهار شهر انهي گئس جي بنيادي مسئلي کان محروم هو هن وقت مان اڪيلي سر بدين حيدرآباد روڊ تي صبح کان وٺي شام 7 وڳي تائين ڌرڻو هنيو هو ۽ انهي ڌرڻي دوران مونکي مارڻ کان ويندي ڪيتري ئي پئسن جو آفرون ڪيو ويون هنيون ته اوهان ڌرڻو ختم ڪيو ته اوهانکي وڏي رقم ڏني ويندي ادي چوي ٿي ته مان انهي سڀني آفرن کي ٺڪرائي ڪري تلهار جي حقن لاءِ شام تائين روڊ تي ويٺي رهيس ۽ آخرڪار منهنجي ڌرڻي رنگ لاٿو ۽ اڄ تلهارشهر اندر گئس جي سهولت موجود آهي،ادي فرزانه جتوئي بلوچ چوي ٿي ته تلهار اندر هن وقت ايترا مئسلا آهن جنهن تي مان عورت اتحاد جي هڪ بانڊي چوندي آهي جنهن جي مان صدر آهيان ۽ شهر جي بنيادي مسئلن تي ڪم ڪري رهي آهيان،جڏهن ته تلهار شهر اندر هن وقت به سڀ کان وڏي ۾ وڏو مسئلو بجلي ۽ پاڻي جو آهي ڇو ته تلهار اندر هن وقت به چوويهه ڪلاڪ مان صرف ٻه ڪلاڪ بجلي هلندي آهي جنهن جي به ڪري تلهار جا شهري عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن،۽ بجلي جي ايڏي وڏي ڊگهي لوڊ شينگ انساني زندگي جو جئين جنجال ڪري ڇڏيو آهي ادي چوي ٿي ته انهي بجلي جي بحران جي ڪري 7 تاريخ تي سموري تلهار شهر اندر  هڙتال جو سڏ ڏنو ويو آهي،ادي چوي ٿي ته منهنجي ڀر پور ڪوشش آهي ته مان پنهنجي شهر جي حقن لاءِ ڪوششون ڪيان ادي چوي ٿي ته مان ايس ڊي او بجلي تلهار کي ڪيتريون شڪايتون ڪيون آهن ته بجلي جي لوڊشينگ جو شڊول ڏيکاريو جيڪڏهن شڊول نه ٿا ڏيکاريو ته مهرباني ڪري سموري سنڌ اندر جيتري لوڊشينگ آهي اوتري لوڊشِننگ ڪيو پر اسان وٽ ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناهي انڪري مان مجبور ٿي ڪري 7 تاريخ جي تلهار اندر بجلي تي  جي لوڊِشِينگ ڌرڻو هڻي رهي آهيان،انڪري تلهار جي حقن لاءِ هن وقت جيترو ادي فرزانه جتوئي محنت ڪري رهي آهي شايد ئي تلهار اندر اهڙو ڪو ٻيو هجي.ان ڪري مان ادي فرزانه جتوئي کي اهڙي محنت تي جس پيش ڪيان ٿو ۽ تلهار واسين کي اپيل ٿو ڪيان ته ادي جي اهڙي محنت جي سندس ساٿ ڏيون جئين تلهار شهر جا بنيادي مسئلا حل ٿي سگهن،