نئين دهلي (ڪلچرل نيوز) مشهور ڀارتي اداڪار اوم پوري جو ديهانت ٿي ويو، بالي ووڊ جو سينيئر اداڪار اوم پوري 66 سالن جي ڄمار ۾ دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو آهي، هن بالي ووڊ جي ڪيترين ئي فلم اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا، ڀارت جي ڪوڙي سرجيڪل اسٽرائيڪ کان پوءِ هن کُلي پاڪستان جي حق ۾ بيان ڏنا هئا،

جڏهن ته مٿس ڀارتي ميڊيا ۽ عوام طرفان سخت تنقيد پڻ ڪئي وئي هئي، ڀارتي ميڊيا موجب اوم پوري دل جي دوري سبب فوت ٿيو، هن هالي ووڊ فلمن سان گڏ پاڪستاني فلمن ٻه ڪم ڪيو، ڀارتي اداڪار ڪيترائي ڀيرا پاڪستان جو دورو به ڪيو ۽ هن پاڪستاني فنڪارن جي حق ۾ ڪيترائي ڀيرا بيان به ڏنا جيڪي ڀارتي انتها پسندن کي خراب لڳا پر هن پاڪستان جي حمايت جاري رکي. اوم پوريءَ کي 1982ع ۾ بهترين فنڪار جو قومي فلم ايوارڊ به ڏنو ويو. اوم پوريءَ ”ارڌ ستيا آگروش، جاني بي دو، مرچ مصالحه ۽ پاڪستاني فلم ايڪٽر ان لا“ ۾ پڻ پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا هئا.