قومي ڪپتان مصباح الحق بعد يونس خان به ريٽائرمينٽ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، پي سي بي چيئرمين شهريار خان سان يونس خان جي ڳجهي ملاقات ٿي، جنهن بابت ذريعن جو چوڻ آهي ته م.

لاقات ۾ يونس خان ويسٽ اڻڊيز جي دوري بعد ريٽائرمينٽ وٺڻ بابت ٻڌايو پر شهريار خان کيس چيو ته جيستائين اوهان چاهيو ڪرڪيٽ کيڏي سگهو ٿا، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته يونس خان ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ 10 هزار رنسون مڪمل ڪرڻ بعد ريٽائرمينٽ ٺڻ چاهي ٿو، يونس خان ريٽائرمينٽ بعد ڪوچنگ ۾ دلچسپي رکي ٿو، ليجينڊ بيٽسمين ريٽائرمينٽ جي حوالي سان حتمي فيصلو ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ سيريز دوران ڪندو