سي ٽي ڊي سنڌ پاران سيوهڻ سانحي ۾ ملوث ٻن سهولتڪارن جي سڃاڻپ ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي جوابدارن جي گرفتاريءَ تي 50 لک رپين جي انعام جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. .

ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ثناءُ الله عباسيءَ چيو آهي ته سيوهڻ ڌماڪي جي ٻن سهولتڪارن جي سڃاڻپ ڪري ورتي آهي، سيوهڻ ڌماڪي بابت پريس ڪانفرنس ڪندي ثناءُ الله عباسيءَ جو چوڻ هو ته 38 ڪئميرائن جي مدد سان آپگھاتي حملو ڪندڙ ۽ سهولتڪارن کي سڃاڻي ورتو آهي، 16 فيبروريءَ جي وڊيو ۽ ان کان پهريان جي وڊيوز کي ڏٺو ويو،16 فيبروريءَ جي وڊيو ۾ آپگھاتي حملي آور ڏسي سگھجي ٿو، باريڪيءَ سان ڏسڻ تي خبر پئي ٿي ته حملو ڪندڙآپگھاتي جيڪيٽ پائي رکي آهي، وڊيو ۾ آپگھاتي بمبار ۽ ان جي 2 ساٿين کي گڏ ڏسي سگھجي ٿو، آپگھاتي حملو ڪندڙ ۽ سهولتڪار هڪ ڪلاڪ مزار ۾ رهيا، پوليس سڀ شاهديون گڏ ڪيون آهن، سي سي ٽي وي وڊيو مان ورتل تصوير سڃاڻڻ جي لاءِ نادرا موڪلي وئي آهي، سڃاڻپ ۾ مدد ڪندڙن کي 50 لک رپيا انعام ڏنو ويندو، سڃاڻپ بابت اطلاع 99203438-021 تي ڏئي سگھجي ٿو. رينجرز هيلپ لائين 1101 تي به اطلاع ڏئي سگھجي ٿو