ماتلي جي ٿاڻي ۾ رپورٽنگ سينٽر جي افتتاحي تقريب ۽ ماتلي پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي آءِ جي پوليس سنڌ اي ڊي خواجا چيو ته سنڌ جي ٿاڻن مان وڏيرڪي سوچ ۽ سفارشي ڪلچر کي ختم ڪرڻ لاءِ تازيون 20 هزار نوجوانن کي ميريٽ جي بنيادي تي پوليس ۾ نوڪريون ڏنيون ويون آهن، ،

هن چيو ته سرڪار کي ملازم رکڻ ۽ هٽائڻ جا اختيارات آهن ۽ منهنجي ڊي آءِ جي هٽائڻ ۽ رکڻ وارو معاملو ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي، ان تي ڪونه ڳالهائيندس، هن چيو ته سنڌ جي ٿاڻن ۾ 50 ڪروڙ رپين جي لاڳت  سان رپورٽنگ روم ٺاهيا ويا آهن، جيڪي عوام مسئلن جو رابطو پوليس جي اعليٰ اختيارين سان سي سي ٽي وي ذريعي سڌو ذريعو آهن، هن چيو ته اسان جي ملڪ کي هن وقت ڀرواري پاڙيسري ملڪ مان خطرو آهي، جيڪو مذهب ۽ فرقيواريت جي آڙ ۾ پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ ٿو چاهي پر سندن ناپاڪ ارادا مٽي ۾ ملي رهيا آهن، هن چيو ته ڏوهه گهٽجي چڪا آهن ۽ عوام جو پوليس مٿان اعتماد بحال ٿي چڪو آهي ان ۾ سنڌ جي ميڊيا ۽ عوام منهنجو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي، هن ماتلي ٿاڻي لاءِ هڪ نئين پوليس موبائيل، 5 موٽر سائيڪلون ڏيڻ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته تقريب کي ڊي آءِ جي پوليس ريجن حيدرآباد خادم حسين رند، ايس ايس پي بدين عبدالقيوم پتافي، ڊي ايس پي ماتلي خالد حسين بلوچ پڻ خطاب ڪيو، هوڏانهن آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه پوليس اسٽيشن ٽنڊو غلام علي جي افتتاحي تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو ته مون اچڻ سان ئي سينيارٽي بنياد تي ترقي جي انتظار ۾ ويٺل انسپيڪٽرن کي ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ اوز کي انسپيڪٽر طور ترقي ڏني آهي، هن چيو ته 1975ع کان فورس ۾ سپاهي جون سيٽون وڌنديون رهن ٿيون پر هيڊ ڪانسٽيبل توڙي ٻيا عهدا نه وڌايا ويا  آهن پر ضلعي بدين کي ايندڙ سال هيڊ ڪانسٽيبل جون اضافي سيٽون پڻ ڏيندس