لاڙڪاڻو: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه آرڪيالاجي شعبي جي ماهرن تي زور ڀريو آهي ته اهي سنڌو تهذيب ۾ موجود ٻين قديمي آثارن ۽ ماڳن جي کوجنا ۽ کوٽائي ڪن جيڪي اڃان تائين دريافت نه ٿي سگهيون آهن، جنهن لاءِ جديد طريقا اختيار ڪيا وڃن ۽ هن کين يقين ڏياريو آهي ته سنڌ حڪومت ان مقصد لاءِ هر ممڪن مالي وسيلا فراهم ڪندي ۽ ان حوالي سان ماهرن جي تجويزن ۽ سفارشن تي مڪمل طور عمل ڪيو ويندو.

اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه موهن جودڙو تي ثقافت، سياحت ۽ آرڪيالاجي کاتي پاران موهن جودڙو بابت منعقد ڪيل عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اڄ کان 40 سال اڳ موهن جودڙو بابت ماهرن جي عالمي ڪانفرنس ڪوٺرائي پهريون ڀيرو سموري عالمي برادري جو ڌيان موهن جودڙو جي ورثي ۽ ان جي تحفظ جي اهميت ڏانهن ڇڪرايو. سيد مراد علي شاهه عالمي اداري يونيسڪو پاران موهن جودڙو جي بچاءَ لاءِ ڪوششون ڪرڻ کي ساراهيندي اميد ڏيکاري ته يونيسڪو مستقبل ۾ به سنڌ حڪومت سان ان ڏس ۾ مڪمل سهڪار جاري رکندو. هن اميد ڏيکاري ته 3 ڏينهن واري هن عالمي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ اسڪالر سنڌو تهذيب جي تاريخ ۽ تمدن جي رهيل ۽ تحقيق طلب پاسن بابت تحقيقي مقالا پيش ڪندا جن سان اسان جي قوم ۽ نئين نسل کي ڀرپور رهنمائي حاصل ٿي سگهندي. هن ثقافت، سياحت ۽  آرڪيالاجي کاتي کي هي عالمي ڪانفرنس ڪوٺائڻ تي مبارڪباد ڏني. ان کان اڳ يونيسڪو جي ڊائريڪٽر خطاب ڪندي چيو ته موهن جودڙو سموري دنيا لاءِ ورثي جي حيثيت رکي ٿو ان ڪري ان جو تحفظ به عالمي برادري جي ذميواري آهي. هن چيو ته موهن جودڙو کي هڪ وڏو خطرو ٻوڏ کان آهي جنهن کان بچائڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان مڪمل سهڪار ڪيو ويندو. هن موهن جودڙو جي بچاءَ لاءِ سنڌ حڪومت طرفان ورتل اپائن جي ساراهه ڪندي يقين ظاهر ڪيو ته ان قسم جي جٽادار ڪوششن سان هن عالمي ورثي کي بچائڻ ۾ مدد ملي سگهندي. هن چيو ته هن شعبي ۾ وڌيڪ ماهر تيار ڪرڻ، انهن جي صلاحيت وڌائن ۽ جديد قسم جي ليباريٽري قائم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي جنهن لاءِ يونيسڪو پاران هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو. ان موقعي تي آرڪيالاجي شعبي جي ماهر ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري حڪومت ۽ يونيسڪو جو ڌيان ان ڳالهه ڏانهن ڇڪرايو ته موهن جودڙو جي بچاءَ لاءِ يونيسڪو پاران شروع ڪيل مهم بند ڪئي وئي آهي جنهن کي ٻيهر سرگرمي سان سموري عالمي برادري ۾ شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌو لکت جي ڀڃت هن شعبي جي ماهرن لاءِ اڄ به هڪ چئليج بڻيل آهي ان کانسواءِ موهن جودڙو دور جي قبرستان بابت کوجنا ڪرڻ جي پڻ ضرورت آهي ته جيئن ان حقيقت جو اندازو لڳائي سگهجي ته ان دور ۾ مئلن کي ڪٿي ۽ ڪيئن دفنايو ويندو هو. هن حڪومت تي زور ڀريو ته موهن جودڙو جي بچاءَ لاءِ نوان قانون ۽ پاليسيون تيار ڪرڻ واري معاملي جو پڻ جائزو ورتو وڃي ۽ موهن جودڙو بابت وڌيڪ ۽ تفصيلي تحقيق پڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. سياحت ثقافت ۽ آرڪيالاجي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه پنهنجي آجياڻي واري تقرير ۾ ٻڌايو ته 18هين ترميم کانپوءِ صوبائي حڪومت پاران موهن جو دڙو جي بچاءَ لاءِ ڪيتريون ئي رٿائون شروع ڪيون ويون آهن. ان موقعي تي وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه موهن جودڙو جي بابت قائم ڪيل ويب سائيٽ جو باقاعدي افتتاح ڪيو. ان موقعي تي موهن جودڙو جي تاريخي پسمنظر ۽ هن وقت تائين ان موضوع تي ٿيل کوجنا بابت هڪ دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي. تقريب ۾ سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو، سيد ناصر علي شاهه، سهيل انور سيال، سينيٽر سسئي پليجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.