لاهور(اسپورٽس نيوز) اسپاٽ فڪسنگ جي تحقيقات تي ايف آئي اي ۽ پي سي بي جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي اسپاٽ فڪسنگ جي ايف آئي اي کان جاچ نه پئي ڪرائڻ چاهي. سان گريزان آهي، پي سي بي ايف آئي اي کي شرجيل خان ۽ خالد لطيف جا موبائيل فون نه ڏنا آهن.

جيڪي اڃان تائين پي سي بي وٽ موجود آهن. ذريعن موجب ايف آءِ اي جن رانديگر جا موبائيل فون جي ڊيٽا ورتي آهي، ان جي قانوني حيثيت ناهي. ذريعن مطابق پي سي بي جو ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ڪرنل ريٽائرڊ اعظم ايف آئي اي حڪام سان ملاقات ڪئي. ايف آئي اي جو چوڻ آهي ته اهي تحقيقات جي لاءِ رانديگرن جي موبائيل فون کي ضرورت آهي.