ممبئي (ڪلچرل نيوز) بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا دپيڪا پڊوڪون پنهنجي نئين هالي ووڊ فلم دي ريٽرن آف زينڊر ڪيج جي مشهوري لاءِ ايلن ڊي جينرس جي شو ۾ پهچي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اداڪارا دپيڪا پڊوڪون هالي ووڊ سپراسٽار ون ڊيزل سان گڏ فلم جي مشهوري ڪري رهي آهي

، جڏهن ته هن مشهور ٽي وي شو ايلن ڊي جينرس جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آئون وين ڊيزل سان گڏ رهان پئي، وين ڊيزل سان منهنجي ڪيمسٽري بهترين رهي آهي، جنهن کان پوءِ ايلن ڊي جينرس دپيڪا پڊوڪون کان متاثر ٿي چيو ته تون واقعي به خوبصورت آهين. ياد رهي ته دپيڪا پڊوڪون ۽ ون ڊيزل جي فلم ۲۰ جنوري تي رليز ڪئي پئي وڃي.