ممبئي(ڪلچرل نيوز) بالي ووڊ جي ڊرٽي گرل وديا بالن سپر اسٽار رجني ڪانت جي هيروئن بڻجندي، سپر اسٽار رجني ڪانت جي 161 هين فلم جي اسڪرپٽ تيار ٿي وئي آهي، جنهن ۾ وديا بالن کي رجني ڪانت سامهون هيروئن لاءِ ڪاسٽ ڪيو ويو آهي، وديا بالن ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو آهي ته رجني ڪانت سان ڪم جو موقعو ملڻ تي تمام گهڻي خوش آهيان

، رجني ڪانت سپر اسٽار آهي ۽ سپر اسٽار سان ڪم ڪرڻ جو مطلب مون کان وڌيڪ ڪو نٿو سمجهي سگهي، منهنجي ڪوشش هوندي ته فلم ۾ پنهنجي ڪردار سان انصاف ڪريان، ان کان علاوه رجني ڪانت کان ڪافي ڪجهه سکڻ جو به موقعو ملندو، جنهن سان منهنجي فلمي ڪيريئر کي فائدو ٿيندو.