ڪراچي جي ٻڪرا پڙي واري علائقي ۾ پوليس جي ڪارروائي  8 دهشتگرد مارجي ويا وڏي تعداد ۾ هٿيار۽ ليپ ٽاپ بم هٿ ڪرڻ جي دعويٰ خبر موجب ملير سٽي ٿاڻي جي حد ملير 15 ڀرسان ٻڪرا پڙي تي پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل تنظيم جي 8 دهشتگرد کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي،

ايس ايس پي ملير رائو انوار جو چيو آهي ته پوليس پابندي مڙهيل تنظيم جي امير گل جي موجودگي جي اطلاع تي ڇاپو هنيو ته دهشتگردن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني پوليس جي جوابي فائرنگ  تنيجي ۾جوابي فائرنگ ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا جنهن ۾ پابندي مڙهيل تنظيم ٽانڪ جو امير گل زمان ۽ لالو به شامل آهن جڏهن ته ٻين دهشتگردن جو تعلق ٽي ٽي پي ۽ جنيد الله سان آهي،هن وڌيڪ چيو ته مارجي ويل دهشتگردن ۾ پابندي مڙهيل جماعت الاحرار جو 16 سالن جو آپگهاتي بمبار به شامل آهي جنهن جي قبضي مان ليپ ٽاپ، دستي بم۽ هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن، ايس ايس پي رائو انوار موجب دهشتگرد حملن جي رٿابندي ڪري رهيا هئا، ايس ايس پي ملير رائو انوار  جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ جماعت الاحرار سان هو، جيڪي حملن جي رٿابندي ڪري رهيا هئا. رائو انوار موجب مقابلي ۾ ٽي ٽي پي ٽانڪ جو امير گل زمان ۽ هڪ نينگر آپگهاتي بمبار لالو به مارجي ويا آهن ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته ليپ ٽاپ بم سان تمام گهڻو نقصان ٿيڻو هو هڪ دهشتگرد جي عمر 16 سال آهي جيڪو گهٽ عمر وارو خودڪش بمبار ٿي سگهي ٿو هن وڌيڪ چيو ته حب ۽ ساڪرن واري علائقي دهشتگرد موجود آهن ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته مقابلي ۾ مارجي ويل دهشتگرد افغانستان کان ايندڙ دهشتگردن جو تعلق ٽي ٽي پي سان آهي وڌيڪ مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي جنهن جي لاءِ اسان وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني آهي.