آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه سيوهڻ سانحي جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿيڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ دهشتگردن جا نظرياتي حامي موجود آهن ۽ صوبي ۾ حفيظ بروهي، لشڪري جهنگوي، داعش ۽ برمي نيٽورڪ آهي ڪم ڪري رهيو آهي. ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ چيو ته سيوهڻ سانحي جي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا جاچ ڪري رهيا آهن،

اڳڀرائي بابت هن وقت ٻڌائي نه ٿو سگهجي. اي ڊي خواجه جو چوڻ هو ته شڪارپور سانحي ۾ ملوث ماڻهو گرفتار ڪيا هئا، هن ڪيس ۾ به ضرور ڪاميابي ملندي. آءِ جي سنڌ چيو ته سنڌ ۾ دهشتگردن لاءِ نظرياتي حامي نيٽورڪ موجود آهي، دهشتگرد ساڳيا، پر سندن ٽارگيٽ مختلف هوندا آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ هزار کان وڌيڪ درگاهون، مندر، چرچ ۽ جماعت خانه موجود آهن، سڀني عبادتگاهن کي سڪيورٽي فراهم نٿي ڪري سگهجي. اي ڊي خواجه چيو ته شهرين کي افغانين تي نظر رکڻ گهرجي، انهن مان آپگهاتي بمبار به ٿي سگهي ٿو، سنڌ ۾ دهشتگرد نيٽ ورڪ پکڙجي ويو آهي، ڪراچي ۾ لشڪري جهنگوي وڌيڪ سرگرم آهي.