اتر وزيرستان علائقي شوال ۾ طالبان جي ٻن گروپن ۾ جهڙپون ٻيهر شروع ٿي ويون، تفصيل موجب جهڙپون طالبان جي خان سعيد سجنا ۽ شهريار محسود جي گروپن ۾ ٿيون، ٻنهي گروپن طرفان هڪٻئي تي فائرنگ جي ڏي وٺ ڪئي.

۽ خان سعيد سجنا ۽ شهريار محسود گروپ جا گڏيل طور 9 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته پهرين به انهن ٻنهي گروپن ۾ تڪرار هلندڙ هو، پر ڪجهه ڏينهن جي ماٺار کانپوءِ تڪرار شروع ٿي ويو آهي، هن کان پهرين ٻنهي گروپن ۾ ويڙهه دوران 40 کان وڌيڪ طالبان مارجي چڪا آهن