ئي آهي ته سنڌ اندر داعش سميت ڪيترائي دهشتگرد گروهه سرگرم ٿي ويا آهن جنهن ۾ حفيظ بروهي جھڙا اڳواڻي ڪري رهيا آهن اي ڊي خواجه صاحب هڪ فرض شناس پوليس آفيسر آهن جنهن جي اعتراف يا آگاهي عام ماڻهن جي ان سوچ سان ملي جلي ٿي جنهن کي عوام چيو وڃي ٿو سو آءِ جي سنڌ ۽ عوام جي سوچ هڪجھيڙي نظر اچي رهي ، اڪثر ٿيندو ائين آهي ته حۡڪومت يا ڪاموري جي سوچ ، عوام جي سوچ  کان مختلف هجي ٿي

سنڌ جي آءِ جي اي ڊي خواجه صاحب نشاندهي ڪ، پر آءِ جي ۽ عوام جي سوچ ۾ هڪجھيڙائي مان ثابت ٿئي ٿو ته آءِ جي صاحب عوام جي آواز کي ٻڌن ٿا ۽ سمجھن ٿا خير عوام ويچارو ته وڏي عرصي کان دانهيندو پيو اچي ته سنڌ اندر مذهبي دهشتگردي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي هتي داعش سميت ڪيتريون ئي دهشتگرد تنظيمون سرگرم ٿي ويون آهن پر ان کي تسليم نه پئي ڪيو ويو ..... هاڻ جڏهن اِها ڳالهه واضع ٿي وئي ته ان جو اعتراف به ڪيو وڃي ٿو ، پوليس جي سربراھه جو اعتراف هڪ وڏي اهميت رکي ٿو ان سان گڏ سندس چوڻ آهي ته پوليس مڪمل طور درگاهن ، مسجدن ، امام بارگاهن ، مندرن ، ڪليسائن ، چرچن توڙيِ ٻين عوامي مرڪزن جي حفاظت جا فرض نڀائي نٿي سگھي نه ئي وري بلوچستان جي ڊگھي سرحدي پٽي کي بند ڪري ن سگھون ٿا پر دنگ ، گھٽ گھير  بند ڪري سگھون ٿا ۽ اتي سرچ ڪري سگھجي ٿي خير اِها به سندس سچائي .......  پر اصل ۾ ڏسجي ته اِهو بيان به مايوسي جي علامت آهي ..... ! ڇا اسان جي سنڌ جي پوليس کي صرف وي آءِ پيز کي پروٽوڪول ڏيڻ وڃي بچيو آهي  ڇا ......؟  عوام کي ڪٿي ۽ ڪهڙو تحفظ ملي رهيو آهي پوليس ته اڄ به سياسي ۽ حڪومتي وڏيرن جي ونگار وهندڙ آهي ، اڄ به وڏن شهرن کان وٺي  ننڍن ڳوٺن تائين پاٿاريون موجود آهن ، شڪارپور سميت مختلف ضلعن ۾ برادرين جا جھيڙا جن کي قبيلائي جھڙا چيو ويندو آهي انهن کي ختم ڪرائڻ ۾ ته پوليس ڪامياب نه رهي آهي نه وري فضيلا سرڪي کي بازياب ڪرائي سگھي آهي ، ڪيترن بيگناهن جا قاتل گرفتار نه ڪري  سگھي آهي ، اڄ به پوليس جي رڪارڊ ۾ هزارين ماڻهوءُ روپوش ڏيکاريل آهن جن کي گرفتار ڪري نه سگھي آهي ، اُها واقعيء ئي ٻيو ڪهڙو تحفظ ڏئي سگھندي ..... هتي اِهو به سوال پيدا ٿئي ٿو ته پوءِ ڇا هاڻ پنهنجو تحفظ  ماڻهوءُ پاڻ ڪن ، جي ها ته پوءِ پوليس جو ڪهڙو ڪم وڃي بچي ٿو ، جڏهن تحفظ مهيا ڪندڙ اداري جو سربراھه اهڙي مايوسي جي ڳالھه ڪري ٿو ته پوءِ عوام جو ته مٿان ويساھه گھٽجي ويندو ٻيو ته آءِ جي صاحب اِها ڳالھه به ڪئي آهي ته سنڌ ۾ انتها پسندي وڌي رهي آهي ان ۾ ماڻهوءُ وڃي رهيا آهن بلڪل اوهان بجا فرمايو پر سنڌ ۽ سنڌي ڪڏهن به انتهاءَ پسند نه رهيا آهن نه ئي رهندا ، هي اصل ۾ ڌاريا آهن خاص ڪري افغاني ۽ پـٺاڻ  آهن هاڻ وري ڪجھه ٻيون قومون ۽ ذاتيون سامهون اچي رهيون آهن جن جي به سنڌي هجڻ جي پڪ نٿي ڌئي سگھجي جيڪي انهن دهشتگردن جا سهولتڪار آهن هاڻ ڀل ته پوليس سموري عوام کي تحفظ نه ڏئي سگھي پر انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترا دهشتگرد ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف ته ڪاروائي ڪري سگھي ٿي ، جڏهن به ڪو سانحو ٿي وڃي ٿو ته پوءِ پوليس سهولتڪارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري وٺي ٿي پر ڇا پوليس کي اڳ اِها خبر ناهي ته ڪهڙا ماڻهوءُ ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث آهن ڇا کين اِها خبر نٿي هجي ته هڪ بمبار ڪيترن شهرن مان گذرندو پنهنجي حدف واري جاءِ تي آساني سان  پهچي وڃي ٿو ڇا ان جي لاءِ به پوليس کي بيقصور سمجھجي ..... پوليس علائقي ۾ ايندڙ غير ملڪين يا ڌارين بابت ڄاڻ نٿا رکي سگھن ......؟ سو آءِ جي صاحب اوهان جي مايوسي واري بيان مان اِهو ثابت ٿئي ٿو ته اسان جي پوليس آڱرين تي ڳڻڻ جيترن دهشتگردن سان منهن ڏيڻ جي صلاحيت نٿي رکي .... سنڌ جو عوام امن ، محبت ۽ مذهبي رواداري جو قائل رهيو آهي سنڌي ڪڏهن به آپگھاتي حملي آور نٿو ٿي سگھي پر آپگھاتي حملي آورن جي سرگرمين کي روڪڻ ته حڪومت ۽ پوليس جو ڪم آهي جيڪڏهن پوليس پنهنجا ڪم پاڻ نه ڪري سگھي ۽ اُهي به عوام ڪرڻ شروع ڪري ته پوءِ پوليس کي ٻيو ڪهڙو نالو ڏجي ...... !سيوهڻ ۾ پوليس جي جيڪا فرض شناسي نظر آئي ان کان ته سڀ واقف ٿي ويا آهن هڪ سپاهي تلاشي وٺڻ تي نظر پئي آيو ۽ هو ايتري وڏي رش ۾ جھيڙي نموني تلاشي وٺي رهي هو اتان ته عام اٻوجھه ماڻهوءُ نڪري پئي سگھيو ته پوءِ آپگھاتي بمبار چالاڪي سان ڪئين نٿو نڪري سگھي ڀل ته اوهان سڀن درگاهن جي حفاظت نه به ڪري سگھو پر جيڪي وڏيون درگاهون آهن جن تي سوين ، هزارين زيارتي اچن ٿا انهن کي ته سيڪيورٽي ڏئي سگھجي پئي ، جيڪا پڻ نه ملي سگھي آءِ جي صاحب اوهان کي نماڻي گذارش آهي ته پوليس جيتري به آهي ان کي جيڪڏهن سنڌ جي امن کي بحال رکڻ وارو ٽاڪس ڏئي پابند بڻايو وڃي ته شايد سنڌ مان دهشتگردن جي سهولتڪارن کي وائکو ڪري انهن کي گرفتار ڪري سگھجي ٿو سنڌ اندر داخل ٿيندڙ دهشتگردن جا گھٽ گھير بند ڪري سگھجن ٿا ۽ ان لاءِ آسان طريقو اُهي مدرسا آهن جيڪي اهڙن سرگرمين کي هوا ڏين ٿا هتي ته اهڙا گروھه آساني سان ريليون ڪڍن ٿا ۽ جلسا پڻ ڪري وٺن ٿا اوهان جي پوليس ته انهن کي روڪڻ بجاءِ تحفظ ڏيندي ڏسجي ٿي .. خير آءِ جي صاحب  کي وري به لک شاباس ته هن اعتراف ته ڪيو آهي پنهنجو پاڻ کي عوام جي ڄاڻ سان سلهاڙيو ته آهي پر اسان جون حڪومتون ڇا ڪري رهيو آهن ۽ ڇا ڪنديون . ڇا آءِ جي صاحب جي هن بيان سان سهمت ڪنديون .... جي ها ته پوءِ ڇا هي هنن حڪومتن جي ناڪامي ناهي جيڪا حڪومت پنهنجي فورس کي مضبوط نٿي بڻائي سگھي ۽ چند دهشتگردن جي ڪاروائين کي روڪي نٿي سگھي ان کي عوام تي حڪمراني جو حق هئڻ گھرجي  .... ؟ اِهو ئي ته هتي وڏو ناحق آهي جو عوام کي حقيقي حڪمراني جو حق ئي نٿو ڏنو وڃي ته پوءِ ظاهر آهي تحفظ به عوام بجاءِ انهن حڪمرانن يا حڪمراني جي اميدوارن کي ڏنو وڃي ٿو ۽ پوليس اِهو فريضو ته بدستور نڀائي رهي آهي ان ڪري ڪير چوندو ته پوليس پنهنجا فرض نٿي نڀائي ....