شڪارپور(رپورٽر) آل روينيو سنڌ امپلائز ايسوسيشن ، ضلع صدر روينيو شڪارپور نظام الدين شيخ جي قيادت ، ۾ مرڪزي اڳواڻ غلام سرور کوهارو جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو ويو . رپورٽ موجب ؛ آل روينيو سنڌ امپلائز ايسوسيشن ، جي صوبائي اڳواڻ ، غلام سرور کي ، بدين سرڪٽ هائوس جي گيٽ وٽان اغواء ڪيو ويو ، جڏهن ته... .

،شڪارپور جي ضلع صدر نظام الدين شيخ صحافين کي ٻڌايو ته ، غلام سرور ، ڪنهن سرڪاري ڪم سان بدين جي ضلع چيئرمين اصغر هاليپوٽو سان ملاقات ڪئي ، ۽ اصغر سان کيس تلخ ڪلامي پڻ ٿي ، جنهن کان پوءِ سرڪٽ هائوس جي گيٽ تي ، اصغر جي خانگي هتياربندن ، تشدد ڪري ، کيس اغواء ڪري ، اڻڄاتل هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو ، نظام شيخ وڌيڪ چيو ته ، غلام سرور کوهارو کي جلد کان جلد بازياب ڪرايو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ پوري سنڌ ۾ قلم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاج ڪيو ويندو . شڪارپور(رپورٽر) جي يو آءِ ، اڳواڻ مولانا ، ناصر خالد محمود جي اڳواڻي ۾ ، ڪرپشن مٽايو ، شڪارپور بچايو ، ريلي ڪڍي وئي ، ريلي ۾ جي يو آءِ ، جي ڪارڪنن.، نيشنل پيپلز پارٽي، عوامي تحريڪ، شڪارپور بچايو تحريڪ ۽  هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ، جڏهن ته ، مولانا جي اتحادين ، اين پي پي ، اڳواڻ ، امير حسين جتوئي ، شڪارپور بچايو تحريڪ جي چيئرمين ، اصغر پهوڙ ، ظفر چنه ، قومي عوامي تحريڪ ، جو اڳواڻ ، زاهد ڀمڀرو ، سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، جڏهن ته ريلي شڪارپور لکي در کان ، رستم چوڪ کان ٿي ڪري ڊي سي آفيس ، جي اڳيان اچي ڌرڻو هنيو ، ۽ چارن صوبن ڏي ويندڙ روڊ ، بند ڪري احتجاج ڪيو ويو ، ڌرڻي کي خطاب ڪندي ، علامه ناصر خالد محمود ، اصغر پهوڙ ، امير حسين جتوئي ۽ ٻين چيو ته شڪارپور شهر جي تباهي جا ذميوار ، پ پ پ جا چونڊيل نمائندا آهن ۽ نساسڪ کي هلائڻ وارا به پ پ پ جا اڳواڻ آهن ، نساسڪ جي نااهلي ، پ پ پ ، جي نااهلي آهي ، اسان شڪارپور جي عوام کي ، هن عذاب واري صورتحال ۾ اڪيلو نه ڇڏيندا سين ، ۽ شڪارپور جي عوام سان اسان ڏکئي وقت ۾ اڳ به گڏ هُيا سين ۽ اڳتي به کين گڏ رهندا سين ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور سڪندر علي خشڪ پهچي ڪري اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون جتي ڳالهين دوران اڳواڻن 10 مطالبا پيش ڪيا جن جي حل جي لاءِ ڊي سي 3 مهينن جي مهلت گھري ۽ ان ڳالهه جو يقين ڏياريو ته 3 مهينن اندر شهر کي صاف سٿرو بڻايو ويندو ڊي سي جي اهڙي يقين ڌهاني کان پوءِ اڳواڻن پنهنجو ڌرڻو ختم ڪيو