مير پور ماٿيلو(رپورٽر) وزيراعلى سنڌ سيد مراد علي شاهه خانڳڙه پهچي راندين واري کاتي جي صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر سان سندس والده جي وفات تي تعزيت ڪئي ۽ مرحومه جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ خاطر فاتح خواني پڻ ڪئي

. ان موقعي تي اسپيڪر صوبائي اسيمبلي / وقتي گورنر آغا سراج دراني، تعليم کاتي جو صوبائي وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر، ٽرانسپورٽ کاتي جو صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاه ، ورڪس اينڊ سروسز کاتي جو صوبائي وزير امداد پتافي ۽ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي جو صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا پڻ وزيراعلى سان گڏ هو..