مير پور ماٿيلو(رپورٽ؛هادي بخش جلباڻي )ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي سيد اعجاز علي شاهه چيو آهي ته قادرپور جي رهواسين کي صحت جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ بيسڪ هيلٿ يونٽ قادرپور کي چوديواري توڙي ٻين سهولتن لاءِ فنڊز فراهم ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هُن پي پي ايڇ آئي حوالي ڪيل بي ايڇ يو قادرپور ۽ ايمبولينس جو افتتاح ڪندي ڪيو

. ان موقعي تي هُن ڳالهائيندي چيو ته ضلعي گهوٽڪي جي ماڻهن کي صحت جون بهتر کان بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن ان حوالي سان ضلعي جي مختلف ڳوٺن جي صحت مرڪزن کي بهتر بڻايو پيو وڃي ته جيئن هتان جي ماڻهن کي سندن گهرن جي ويجهو صحت جون سهولتون ملي سگهن. هُن چيو ته ضلعي گهوٽڪي ۾ پي پي ايڇ آئي بهتر ڪم ڪري رهي آهي صحت کاتي جي عملدارن کي به گهرجي ته هُو پنهنجي اسپتالن کي عوام لاءِ بهتر بڻائين جيڪا سندن ذميواري آهي جڏهن ته ضلعي انتظاميه پاران پي پي ايڇ آئي سميت عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪندڙ هر اداري سان تعاون ڪيو ويندو ته جيئن ضلعي جي عوام کي سهولتون ملي سگهن هُن چيو ته هُو پي پي ايڇ آئي جي جي مختلف بيسڪ هيلٿ يونٽن جا اچانڪ دورا پڻ ڪندو ته جيئن صورتحال جو جائزو وٺي سگهجي انڪري سمورن ڊاڪٽرن کي گهرجي ته هُو عوامي جذبي تحت ڪم ڪري عوام جي خدمت ڪن. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سليم الله اوڍي ڳالهائيندي چيو ته پي پي ايڇ آئي پاران قادرپور ۾ صحت جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ هڪ سٺو عمل آهي جنهن سان پٺتي پيل علائقن جي مريضن کي فائدو حاصل ٿيندو. ان کان اڳ پي پي ايڇ آئي جي ڊسٽرڪٽ مئنيجر مظهر ويسر بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته بي ايڇ يو قادرپور ۾ 24 ڪلاڪ عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون جڏهن ته عورتن جي ويم جي سهولت به موجود هوندي. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر خالد سليم سميت پي پي ايڇ آئي جو مانيٽرنگ آفيسر عارف عباسي پڻ موجود هو ..