ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا وديا بالن هندو انتهاپسندن جي خوف سبب اسلام قبول ڪندڙ مشهور ڀارتي شاعرا ڪملا داس جي حياتيءَ تي ٺهندڙ فلم ۾ ڪم کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي..

رپورٽن موجب هدايتڪار ڪمال الدين ناليواري ڀارتي شاعرا ڪملا داس جي حياتيءَ تي فلم ٺاهي رهيو آهي، جنهن ۾ شاعرا جو مک ڪردار نڀائڻ لاءِ وديا بالن کي آڇ ڪئي وئي هئي، جنهن اها آڇ قبول به ڪئي هئي پر هاڻ هن اوچتو فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان فلم جي هدايتڪار جو چوڻ هو ته ڪملا داس جي ڪردار لاءِ وديا بالن بهترين چونڊ هئي، هوءَ اڳ اهڙو ڪردار نڀائڻ لاءِ ڏاڍي پرجوش هئي پر هاڻ هن اوچتو انڪار ڪري ڇڏيو آهي