ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي) ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي کي ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ٽيم جو به ڪپتان مقرر ڪري ورتو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب اڳوڻي ڪپتان مهندرا سنگھه ڌونيءَ جي استعيفا ڏيڻ واري علان کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ با صلاحيت رانديگر ويرات ڪوهلي کي ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ويرات ڪوهلي جي ڪپتان ٿيڻ سان ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ٽنهي فارميٽس لاءِ هڪڙو ئي ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.