dsa

dfs


اتر وزيرستان علائقي شوال ۾ طالبان جي ٻن گروپن ۾ جهڙپون ٻيهر شروع ٿي ويون، تفصيل موجب جهڙپون طالبان جي خان سعيد سجنا ۽ شهريار محسود جي گروپن ۾ ٿيون، ٻنهي گروپن طرفان هڪٻئي تي فائرنگ جي ڏي وٺ ڪئي.

پاڪستان پيپلزپارٽي جي رهنما ۽ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته عمران خان جي يارهن مئي جي ڌرڻي جي حمايت ڪريون ٿا، چار تڪن جي بائيو ميٽرڪ ڳڻپ ڪرائي وڃي، ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته اسلام آباد پاڪستان جو حصو آهي. اُتي پرامن احتجاجي مظاهرو.

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته وزيراعظم بڻجڻ جو شوق هجي ها ته 11 مئي جي نتيجن کي ئي تسليم نه ڪريون ها، وزيراعظم بڻجڻ جي انهن کي خواهش هوندي آهي جن کي فيڪٽريون ۽ بنگلا نظر اچن ٿا، اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي .

سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو چونڊن سان ڪو به واسطو ناهي هوندو، عمران خان جي فضول ڳالهين جو جواب ڏيڻ مناسب نه ٿو سمجهان، رٽرننگ آفيسر اليڪشن ڪميشن مقرر ڪندي آهي. .

شڪارپور(بيورو چيف : آغا يونس ) شڪارپور جي ننڍي چونڊ۾ غيرسرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي موجب پ پ اميدوار افتاب شعبان ميراڻي 989ووٽن تان ڪامياب ٿئي ويو ، شڪارپور ۾ امن امان برقرار رکڻ لا۽ قلم 144 لاڳو رهيو،   

ڪراچي  وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته ڪراچي آپريشن جا مثبت نتيجا ملي رهيا آهن. ڪراچي جي امن تي خاص توجه ڏئي رهيا آهيون  ڪراچي ۾ امن تمام گهڻو عزيز آهي. لنڊن ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم نوازشريف جو چوڻ هو ته چڱي نيت سان طالبان سان ڳالهيون شروع ڪيون آهن، طالبان سان ڳالهين ذريعي معاملا اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا، اميد آهي ته ڳالهين سان ملڪ ۾ امن قائم ٿي ويندو. هن چيو ته پاڪ برطانيه لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.  برطانيه جي دوري سان لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. ملڪي خوشحالي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين، ڪيترائي پاڪستاني وطن ۾ سرمائيڪاري کي ترجيڻ ڏيندا. هن چيو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي تي آنچ اچڻ نه ڏينداسين جڏهن ته ميڊيا ملڪ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري رهي آهي، هن چيو ته بجلي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

  • >>
  •  1  2